بِسۡمِ ٱللَّهِ ٱلرَّحۡمَٰنِ ٱلرَّحِيمِ
وَٱلۡعَٰدِيَٰتِ ضَبۡحًا ١ھانبارو ھڻي ڊوڙندڙن گھوڙن جو قَسم آھي فَٱلۡمُورِيَٰتِ قَدۡحًا ٢پوءِ پھڻن تي نعلن ھڻڻ سان چڻنگن ڪڍندڙن (گھوڙن) جوقسم آھي فَٱلۡمُغِيرَٰتِ صُبۡحًا ٣پوءِ صبح جي مھل لُٽ ڪندڙ (گھوڙن) جو قسم آھي فَأَثَرۡنَ بِهِۦ نَقۡعًا ٤جو اُن مھل رئي اُٿارين فَوَسَطۡنَ بِهِۦ جَمۡعًا ٥پوءِ اُن گھڙي (دشمنن جي) ٽوليءَ جي وچ ۾ پون إِنَّ ٱلۡإِنسَٰنَ لِرَبِّهِۦ لَكَنُودٌ ٦ته بيشڪ ماڻھو پنھنجي پالڻھار جو وڏو بي شُڪر آھي وَإِنَّهُۥ عَلَىٰ ذَٰلِكَ لَشَهِيدٌ ٧۽ بيشڪ اُھو پاڻ انھن تي شاھد آھي وَإِنَّهُۥ لِحُبِّ ٱلۡخَيۡرِ لَشَدِيدٌ ٨۽ بيشڪ اھو مال جي محبت ۾ ڏاڍو آھي ۞ أَفَلَا يَعۡلَمُ إِذَا بُعۡثِرَ مَا فِي ٱلۡقُبُورِ ٩(اُنھيءَ وقت کي) نه ڄاڻندو آھي ڇا جنھن وقت انھن کي اُٿاربو جيڪي قبرن ۾ نه آھن وَحُصِّلَ مَا فِي ٱلصُّدُورِ ١٠۽ جيڪي سينن ۾ آھي سو پڌرو ڪبو إِنَّ رَبَّهُم بِهِمۡ يَوۡمَئِذٍ لَّخَبِيرُۢ ١١بيشڪ اُن ڏينھن سندن پالڻھار سندن (حال جي) خبر رکندڙ آھي