Millat al-Islam

Chapter 75 · 40 verses · Taj Mehmood Amroti

Surah Al-Qiyama in Sindhi

Arabic with tafsir Listen to Surah Al-Qiyama (1375 reciters)

بِسۡمِ ٱللَّهِ ٱلرَّحۡمَٰنِ ٱلرَّحِيمِ

لَآ أُقۡسِمُ بِيَوۡمِ ٱلۡقِيَٰمَةِ ١قيامت جي ڏينھن جو قسم کڻان ٿو وَلَآ أُقۡسِمُ بِٱلنَّفۡسِ ٱللَّوَّامَةِ ٢۽ ملامت ڪرڻ واري نفس جو قسم ٿو کڻان (ته قيامت ۾ سڀ اُٿندا) أَيَحۡسَبُ ٱلۡإِنسَٰنُ أَلَّن نَّجۡمَعَ عِظَامَهُۥ ٣ماڻھو ڀائيندو آھي ڇا ته سندس ھڏا ڪڏھن گڏ نه ڪنداسون بَلَىٰ قَٰدِرِينَ عَلَىٰٓ أَن نُّسَوِّيَ بَنَانَهُۥ ٤ھائو! سنديس آڱرين جي ڏوڏين جي سڌي ڪرڻ تي وسوارا آھيون بَلۡ يُرِيدُ ٱلۡإِنسَٰنُ لِيَفۡجُرَ أَمَامَهُۥ ٥بلڪ ماڻھو ھي گھرندو آھي ته پنھنجي اڳ (جي وقت) لاءِ گناھ ڪري يَسۡـَٔلُ أَيَّانَ يَوۡمُ ٱلۡقِيَٰمَةِ ٦پڇي ٿو ته قيامت جو ڏينھن ڪڏھن ٿيندو؟ فَإِذَا بَرِقَ ٱلۡبَصَرُ ٧پوءِ جڏھن اکيون ڦاٽي وينديون وَخَسَفَ ٱلۡقَمَرُ ٨۽ چنڊ گرھبو وَجُمِعَ ٱلشَّمۡسُ وَٱلۡقَمَرُ ٩۽ سج ۽ چنڊ (ھڪ جاءِ) گڏ ڪبا يَقُولُ ٱلۡإِنسَٰنُ يَوۡمَئِذٍ أَيۡنَ ٱلۡمَفَرُّ ١٠(تڏھن) چوندو ماڻھو ته ڀڄڻ جي واھ ڪٿي آھي؟ كـَلَّا لَا وَزَرَ ١١نه نه! ڪا واھ ڪانھي إِلَىٰ رَبِّكَ يَوۡمَئِذٍ ٱلۡمُسۡتَقَرُّ ١٢تنھنجي پالڻھار وٽ اُن ڏينھن ٽڪاءُ جو ھنڌ آھي يُنَبَّؤُاْ ٱلۡإِنسَٰنُ يَوۡمَئِذِۭ بِمَا قَدَّمَ وَأَخَّرَ ١٣اُن ڏينھن ماڻھوءَ کي (انھيءَ بابت) خبردار ڪبو جيڪي اڳي موڪليو ھوائين ۽ پوئتي رھايائين بَلِ ٱلۡإِنسَٰنُ عَلَىٰ نَفۡسِهِۦ بَصِيرَةٌ ١٤بلڪ ماڻھو پنھنجي لاءِ (پاڻ) ھڪ حُجت آھي وَلَوۡ أَلۡقَىٰ مَعَاذِيرَهُۥ ١٥توڻيڪ پنھنجا بھانا پيش پيو ڪري لَا تُحَرِّكۡ بِهِۦ لِسَانَكَ لِتَعۡجَلَ بِهِۦٓ ١٦(اي پيغمبر وحي جي) قرآن پڙھڻ مھل پنھنجي زبان کي (ھن لاءِ) نه چور ته اُھو جلدي (ياد ڪري) وٺين إِنَّ عَلَيۡنَا جَمۡعَهُۥ وَقُرۡءَانَهُۥ ١٧ڇوته (تنھنجي سيني ۾) قرآن جو گڏ ڪرڻ ۽ اُن جو پڙھڻ (آسان ڪرڻ) اسان جي ذمي آھي فَإِذَا قَرَأۡنَٰهُ فَٱتَّبِعۡ قُرۡءَانَهُۥ ١٨پوءِ جڏھن قرآن (ملائڪ کان) پڙھايون تڏھن (پنھنجي دل) اُنجي پڙھڻ جي پٺيان لڳاءِ ثُمَّ إِنَّ عَلَيۡنَا بَيَانَهُۥ ١٩وري بيشڪ اُنجو پڌرو ڪرڻ اسان جي ذمي آھي كـَلَّا بَلۡ تُحِبُّونَ ٱلۡعَاجِلَةَ ٢٠نه نه! بلڪ (اي ڪافرؤ) دنيا کي دوست رکندا آھيو وَتَذَرُونَ ٱلۡأٓخِرَةَ ٢١۽ آخرت کي ڇڏيندا آھيو وُجُوهٌ يَوۡمَئِذٍ نَّاضِرَةٌ ٢٢ڪي مُنھن اُن ڏينھن سرھا ھوندا إِلَىٰ رَبِّهَا نَاظِرَةٌ ٢٣پنھنجي پالڻھار ڏانھن ڏسندڙ ھوندا وَوُجُوهٌ يَوۡمَئِذِۭ بَاسِرَةٌ ٢٤۽ ڪي مُنھن اُن ڏينھن ڪارا ٿيل ھوندا تَظُنُّ أَن يُفۡعَلَ بِهَا فَاقِرَةٌ ٢٥ڀانئيندا ته ساڻن پٺيءَ توڙ معاملو ڪيو ويندؤ كـَلَّآ إِذَا بَلَغَتِ ٱلتَّرَاقِيَ ٢٦نه نه! جڏھن (ساھ) نِڙ گھٽ تي پھچندو وَقِيلَ مَنۡۜ رَاقٍ ٢٧۽ چيو ويندو ته ڪو، ڦيڻو رکڻ وارو آھي وَظَنَّ أَنَّهُ ٱلۡفِرَاقُ ٢٨۽ ڀانئيندو ته (ھاڻي روح جي) جُدا ٿيڻ (جو) وقت اچي ويو وَٱلۡتَفَّتِ ٱلسَّاقُ بِٱلسَّاقِ ٢٩۽ ھڪ پِني ٻئي پِنيءَ سان وچڙندي إِلَىٰ رَبِّكَ يَوۡمَئِذٍ ٱلۡمَسَاقُ ٣٠اُن ڏينھن تنھنجي پالڻھار وٽ ھلڻو آھي فَلَا صَدَّقَ وَلَا صَلَّىٰ ٣١پوءِ نڪي (الله جي ڪلام کي) سچو ڪيائين ۽ نڪي نماز پڙھيائين وَلَٰكِن كَذَّبَ وَتَوَلَّىٰ ٣٢پر ڪوڙ ڀانيائين ۽ منھن موڙيائين ثُمَّ ذَهَبَ إِلَىٰٓ أَهۡلِهِۦ يَتَمَطَّىٰٓ ٣٣وري پنھنجي گھر وارن ڏانھن آڪڙجي ھليو أَوۡلَىٰ لَكَ فَأَوۡلَىٰ ٣٤توتي خرابي ھجي پوءِ توتي خرابي ھجي ثُمَّ أَوۡلَىٰ لَكَ فَأَوۡلَىٰٓ ٣٥وري (ٻيھر چوان ٿو ته) توتي خرابي ھجي أَيَحۡسَبُ ٱلۡإِنسَٰنُ أَن يُتۡرَكَ سُدًى ٣٦ماڻھو (ايئن) ڀانئي ٿو ڇا ته (کيس) بيڪار ڇڏي ڏبو أَلَمۡ يَكُ نُطۡفَةً مِّن مَّنِيٍّ يُمۡنَىٰ ٣٧(اھو) منيءَ جو ٽيپو نه ھو ڇا جو (ماءُ جي ڳڀيرڻ ۾) اڇليو ٿي ويو ثُمَّ كَانَ عَلَقَةً فَخَلَقَ فَسَوَّىٰ ٣٨وري (رت ۾) دڳ ھو پوءِ الله (اُن کي) بڻايو ۽ اُن کي سئين لڱين ڪيائين فَجَعَلَ مِنۡهُ ٱلزَّوۡجَيۡنِ ٱلذَّكَرَ وَٱلۡأُنثَىٰٓ ٣٩پوءِ منيءَ مان ٻه جنسون نَر ۽ مادي بڻايائين أَلَيۡسَ ذَٰلِكَ بِقَٰدِرٍ عَلَىٰٓ أَن يُحۡـِۧيَ ٱلۡمَوۡتَىٰ ٤٠اھو الله ھن (ڳالھ) تي وس وارو نه آھي ڇا جو مُئن کي جياري؟

Translation: Taj Mehmood Amroti.