Millat al-Islam

Chapter 86 · 17 verses · Taj Mehmood Amroti

Surah At-Tariq in Sindhi

Arabic with tafsir Listen to Surah At-Tariq (1312 reciters)
Meccanسورة الطارق17 verses

بِسۡمِ ٱللَّهِ ٱلرَّحۡمَٰنِ ٱلرَّحِيمِ

وَٱلسَّمَآءِ وَٱلطَّارِقِ ١آسمان جو ۽ رات جي وقت ۾ ايندڙ جو قسم آھي وَمَآ أَدۡرَىٰكَ مَا ٱلطَّارِقُ ٢۽ ڪنھن سمجھايئي ته رات جو ايندڙ ڇا آھي؟ ٱلنَّجۡمُ ٱلثَّاقِبُ ٣(اُھو) چمڪندڙ تارو آھي إِن كُلُّ نَفۡسٍ لَّمَّا عَلَيۡهَا حَافِظٌ ٤ته ڪو جيءُ اھڙو ڪونھي جنھن تي ھڪ نگھبان مقرر ٿيل (نه) آھي فَلۡيَنظُرِ ٱلۡإِنسَٰنُ مِمَّ خُلِقَ ٥تنھنڪري ماڻھوءَ کي گھرجي ته نھاري ڏسي ته کيس ڇا مان بڻايو ويو آھي خُلِقَ مِن مَّآءٍ دَافِقٍ ٦ٽپي سان نڪرندڙ پاڻي مان بڻايو ويس يَخۡرُجُ مِنۢ بَيۡنِ ٱلصُّلۡبِ وَٱلتَّرَآئِبِ ٧جو پُٺيءَ ۽ اُرھ جي وچ مان نڪرندو آھي إِنَّهُۥ عَلَىٰ رَجۡعِهِۦ لَقَادِرٌ ٨بيشڪ الله سندس وري موٽائڻ تي وس وارو آھي يَوۡمَ تُبۡلَى ٱلسَّرَآئِرُ ٩جنھن ڏينھن (ماڻھن جي دلين جا) سڀ ڳُجھ جاچيا ويندا فَمَا لَهُۥ مِن قُوَّةٍ وَلَا نَاصِرٍ ١٠پوءِ تنھن ڏينھن ڪانه اُن کي سگھ رھندي ۽ نڪو واھرو (ھوندس) وَٱلسَّمَآءِ ذَاتِ ٱلرَّجۡعِ ١١۽ مينھن واري آسمان جو قسم آھي وَٱلۡأَرۡضِ ذَاتِ ٱلصَّدۡعِ ١٢۽ ڦاٽن واريءَ زمين جو (به) قسم آھي إِنَّهُۥ لَقَوۡلٌ فَصۡلٌ ١٣ته بيشڪ قرآن ھڪ فيصلو ڪندڙ ڳالھ آھي وَمَا هُوَ بِٱلۡهَزۡلِ ١٤۽ ھيُ قرآن ڪا ٺـٺولي (جي ڳالھ) نه آھي إِنَّهُمۡ يَكِيدُونَ كَيۡدًا ١٥بيشڪ ڪافر ھڪ (طرح جي) ڳجھي رٿ رٿين ٿا وَأَكِيدُ كَيۡدًا ١٦۽ (آءٌ به) ھڪ (طرح جي) رٿ رٿيان ٿو فَمَهِّلِ ٱلۡكَٰفِرِينَ أَمۡهِلۡهُمۡ رُوَيۡدَۢا ١٧پوءِ ڪافرن کي ڍر ڏي ۽ ٿوري مُدت کين ڇڏي ڏي

Translation: Taj Mehmood Amroti.