ملة الإسلام

السورة 96 · 19 آية · Taj Mehmood Amroti

سورة العلق باللغة السندية

السورة بالعربية مع التفسير استمع إلى سورة العلق (1,283 قارئاً)
مكيةسورة العلق١٩ آية

بِسۡمِ ٱللَّهِ ٱلرَّحۡمَٰنِ ٱلرَّحِيمِ

ٱقۡرَأۡ بِٱسۡمِ رَبِّكَ ٱلَّذِي خَلَقَ ١(اي پيغمبر) پنھنجي پالڻھار جي نالي سان پڙھ جنھن (سارو جڳ) خلقيو خَلَقَ ٱلۡإِنسَٰنَ مِنۡ عَلَقٍ ٢ماڻھوءَ کي رت جي دِڳ مان بڻايائين ٱقۡرَأۡ وَرَبُّكَ ٱلۡأَكۡرَمُ ٣پڙھ ۽ تنھنجو پالڻھار ڏاڍو سڳورو آھي ٱلَّذِي عَلَّمَ بِٱلۡقَلَمِ ٤جنھن (ماڻھوءَ کي علم) قلم سان سيکاريو عَلَّمَ ٱلۡإِنسَٰنَ مَا لَمۡ يَعۡلَمۡ ٥ماڻھوءَ کي اُھو سيکاريائين جو نه ڄاڻندو ھو كـَلَّآ إِنَّ ٱلۡإِنسَٰنَ لَيَطۡغَىٰٓ ٦سچ آھي ته بيشڪ ماڻھو سرڪشي ڪندو آھي أَن رَّءَاهُ ٱسۡتَغۡنَىٰٓ ٧جڏھن اُھو پاڻ کي بي پرواھ ڏسندو آھي إِنَّ إِلَىٰ رَبِّكَ ٱلرُّجۡعَىٰٓ ٨بيشڪ تنھنجي پالڻھار ڏانھن موٽي وڃڻو آھي أَرَءَيۡتَ ٱلَّذِي يَنۡهَىٰ ٩اُھو ڏٺو اٿئي ڇا جيڪو جھليندو آھي عَبۡدًا إِذَا صَلَّىٰٓ ١٠(منھنجي) ٻانھي کي جڏھن اھو نماز پڙھندو آھي أَرَءَيۡتَ إِن كَانَ عَلَى ٱلۡهُدَىٰٓ ١١ڏٺو اٿئي ڇا ته جيڪڏھن (اُھو ماڻھو) سڌي رستي تي ھجي ھا أَوۡ أَمَرَ بِٱلتَّقۡوَىٰٓ ١٢يا پرھيزگاريءَ جو حڪم ڪري ھا أَرَءَيۡتَ إِن كَذَّبَ وَتَوَلَّىٰٓ ١٣ڏٺو اٿئي ڇا ته جيڪڏھن ڪوڙ ڀانيائين ۽ پٺيرو ٿيو أَلَمۡ يَعۡلَم بِأَنَّ ٱللَّهَ يَرَىٰ ١٤ته (ھيُ) نه ڄاتائين ڇا ته الله ڏسي ٿو كـَلَّا لَئِن لَّمۡ يَنتَهِ لَنَسۡفَعَۢا بِٱلنَّاصِيَةِ ١٥ائين نه آھي! قسم آھي ته جيڪڏھن پاڻ نه پليندو، ته ضرور پيشانيءَ جي وارن کان وٺي گھلينداسونس نَاصِيَةٍ كَٰذِبَةٍ خَاطِئَةٍ ١٦اُھا پيشاني جا ڪوڙي گنھگار آھي فَلۡيَدۡعُ نَادِيَهُۥ ١٧پوءِ ڀلي ته پنھنجي ڪچھريءَ وارن کي سڏي سَنَدۡعُ ٱلزَّبَانِيَةَ ١٨اسين به دوزخ جي داروغن کي سڏينداسون كـَلَّا لَا تُطِعۡهُ وَٱسۡجُدۡۤ وَٱقۡتَرِب ۩ ١٩ائين نه آھي، تون چيو نه مڃيس ۽ سجدو ڪر ۽ (الله کي) ويجھو ٿيءُ

الترجمة: Taj Mehmood Amroti.