ملة الإسلام

السورة 85 · 22 آية · Taj Mehmood Amroti

سورة البروج باللغة السندية

السورة بالعربية مع التفسير استمع إلى سورة البروج (1,332 قارئاً)
مكيةسورة البروج٢٢ آية

بِسۡمِ ٱللَّهِ ٱلرَّحۡمَٰنِ ٱلرَّحِيمِ

وَٱلسَّمَآءِ ذَاتِ ٱلۡبُرُوجِ ١بُرجن واري آسمان جو قسم آھي وَٱلۡيَوۡمِ ٱلۡمَوۡعُودِ ٢۽ وعدي ڪيل ڏينھن جو قسم آھي وَشَاهِدٍ وَمَشۡهُودٍ ٣۽ حاضر ٿيڻ واري ۽ جنھن وٽ حاضر ڪيو وڃي تنھن جو قسم آھي قُتِلَ أَصۡحَٰبُ ٱلۡأُخۡدُودِ ٤ته کاھين وارا ماريا وڃن ٱلنَّارِ ذَاتِ ٱلۡوَقُودِ ٥جا باھ گھڻي ٻَل واري ھئي إِذۡ هُمۡ عَلَيۡهَا قُعُودٌ ٦جڏھن اُھي اُنھن باھ جي (کاھين) تي ويٺل ھوا وَهُمۡ عَلَىٰ مَا يَفۡعَلُونَ بِٱلۡمُؤۡمِنِينَ شُهُودٌ ٧۽ جيڪي اُنھن مسلمانن سان (ظلم) ٿي ڪيو تنھن کي روبرو ڏسڻ وارا ھوا وَمَا نَقَمُواْ مِنۡهُمۡ إِلَّآ أَن يُؤۡمِنُواْ بِٱللَّهِ ٱلۡعَزِيزِ ٱلۡحَمِيدِ ٨۽ انھن ھن کانسواءِ (ٻيءَ) ڪنھن ڳالھ جو وير نه ٿي ورتو ته انھن اُنھيءَ غالب ساراھيل الله تي ايمان آندو ھو ٱلَّذِي لَهُۥ مُلۡكُ ٱلسَّمَٰوَٰتِ وَٱلۡأَرۡضِۚ وَٱللَّهُ عَلَىٰ كُلِّ شَيۡءٍ شَهِيدٌ ٩جنھن کي آسمانن ۽ زمين جي بادشاھي آھي، ۽ الله سڀ شيءَ جي خبر رکندڙ آھي إِنَّ ٱلَّذِينَ فَتَنُواْ ٱلۡمُؤۡمِنِينَ وَٱلۡمُؤۡمِنَٰتِ ثُمَّ لَمۡ يَتُوبُواْ فَلَهُمۡ عَذَابُ جَهَنَّمَ وَلَهُمۡ عَذَابُ ٱلۡحَرِيقِ ١٠بيشڪ جن (ماڻھن) مؤمنن ۽ مؤمنياڻين کي ايذايو وري توبه نه ڪيائون تن لاءِ دوزخ جو عذاب آھي ۽ اُنھن لاءِ سڙڻ جو عذاب (به) آھي إِنَّ ٱلَّذِينَ ءَامَنُواْ وَعَمِلُواْ ٱلصَّٰلِحَٰتِ لَهُمۡ جَنَّٰتٌ تَجۡرِي مِن تَحۡتِهَا ٱلۡأَنۡهَٰرُۚ ذَٰلِكَ ٱلۡفَوۡزُ ٱلۡكَبِيرُ ١١بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ اھڙا باغ آھن جن جي ھيٺان واھيون پيون وھن، اھا وڏي مراد ماڻڻ آھي إِنَّ بَطۡشَ رَبِّكَ لَشَدِيدٌ ١٢بيشڪ تنھنجي پالڻھار جي پڪڙ بلڪل سخت آھي إِنَّهُۥ هُوَ يُبۡدِئُ وَيُعِيدُ ١٣بيشڪ اُھو پھريون دفعو بڻائي ٿو ۽ وري ٻيھر موٽائيندو وَهُوَ ٱلۡغَفُورُ ٱلۡوَدُودُ ١٤۽ اُھو بخشڻھار پيار رکندڙ آھي ذُو ٱلۡعَرۡشِ ٱلۡمَجِيدُ ١٥(جو) عرش جو مالڪ تمام وڏي شان وارو آھي فَعَّالٌ لِّمَا يُرِيدُ ١٦جيڪي گھري سو ڪرڻ وارو ئي آھي هَلۡ أَتَىٰكَ حَدِيثُ ٱلۡجُنُودِ ١٧تو وٽ لشڪرن جي خبر (نه) آئي آھي ڇا؟ فِرۡعَوۡنَ وَثَمُودَ ١٨(يعني) فرعون ۽ ثمود جي بَلِ ٱلَّذِينَ كَفَرُواْ فِي تَكۡذِيبٍ ١٩بلڪ ڪافر ڪوڙ ڀانئڻ ۾ (لڳا پيا) آھن وَٱللَّهُ مِن وَرَآئِهِم مُّحِيطُۢ ٢٠۽ الله سندن چؤڦير گھيرو ڪندڙ آھي بَلۡ هُوَ قُرۡءَانٌ مَّجِيدٌ ٢١بلڪ ھي سڳورو قرآن آھي فِي لَوۡحٍ مَّحۡفُوظِۭ ٢٢حفاظت ڪيل تختي ۾ لکيل آھي

الترجمة: Taj Mehmood Amroti.