ملة الإسلام

السورة 69 · 52 آية · Taj Mehmood Amroti

سورة الحاقة باللغة السندية

السورة بالعربية مع التفسير استمع إلى سورة الحاقة (1,346 قارئاً)
مكيةسورة الحاقة٥٢ آية

بِسۡمِ ٱللَّهِ ٱلرَّحۡمَٰنِ ٱلرَّحِيمِ

ٱلۡحَآقَّةُ ١قيامت مَا ٱلۡحَآقَّةُ ٢ڇا آھي (اھا) قيامت وَمَآ أَدۡرَىٰكَ مَا ٱلۡحَآقَّةُ ٣۽ ڪھڙي شيءِ توکي ڄاڻايو ته قيامت ڇا آھي؟ كَذَّبَتۡ ثَمُودُ وَعَادُۢ بِٱلۡقَارِعَةِ ٤ثمود ۽ عاد (قوم) قيامت کي ڪُوڙ ڄاتو فَأَمَّا ثَمُودُ فَأُهۡلِكُواْ بِٱلطَّاغِيَةِ ٥پوءِ ثمود (قوم) سي ته ھڪڙي رڙ سان ناس ڪيا ويا وَأَمَّا عَادٌ فَأُهۡلِكُواْ بِرِيحٍ صَرۡصَرٍ عَاتِيَةٍ ٦۽ عاد سي ھڪ بيحد سخت واءُ سان ناس ڪيا ويا سَخَّرَهَا عَلَيۡهِمۡ سَبۡعَ لَيَالٍ وَثَمَٰنِيَةَ أَيَّامٍ حُسُومًاۖ فَتَرَى ٱلۡقَوۡمَ فِيهَا صَرۡعَىٰ كَأَنَّهُمۡ أَعۡجَازُ نَخۡلٍ خَاوِيَةٍ ٧(الله) اُن (واءُ) کي ست راتيون ۽ اٺ ڏينھن لڳولڳ مٿن کڙو ڪيو پوءِ قوم کي اُن (زمين) ۾ ڪريل ڏسين ھا ڄڻ ته اُھي ڀتي کجيءَ جا ٿُڙ آھن فَهَلۡ تَرَىٰ لَهُم مِّنۢ بَاقِيَةٍ ٨پوءِ انھن کي ڪجھ بچيل ڏسين ٿو ڇا؟ وَجَآءَ فِرۡعَوۡنُ وَمَن قَبۡلَهُۥ وَٱلۡمُؤۡتَفِكَٰتُ بِٱلۡخَاطِئَةِ ٩۽ فرعون ۽ جيڪي اُن کان اڳ ھوا ۽ ناس ڪيل شھرن وارا (به) گناھ (جا ڪم) ڪري آيا فَعَصَوۡاْ رَسُولَ رَبِّهِمۡ فَأَخَذَهُمۡ أَخۡذَةً رَّابِيَةً ١٠۽ پنھنجي پالڻھار جي رسول جي نافرماني ڪيائون تنھنڪري (الله) وڏي پڪڙ سان کين پڪڙيو إِنَّا لَمَّا طَغَا ٱلۡمَآءُ حَمَلۡنَٰكُمۡ فِي ٱلۡجَارِيَةِ ١١بيشڪ جڏھن پاڻي حد کان لنگھي ويو (تڏھن) اسان اوھان کي ھلندڙ ٻيڙيءَ ۾ چاڙهيو لِنَجۡعَلَهَا لَكُمۡ تَذۡكِرَةً وَتَعِيَهَآ أُذُنٌ وَٰعِيَةٌ ١٢ھن ڪري ته اُن (ڳالھ) کي اوھان لاءِ يادگيري ڪريون ۽ ان کي ڪو ياد رکڻ وارو ڪَنُّ ياد رکي فَإِذَا نُفِخَ فِي ٱلصُّورِ نَفۡخَةٌ وَٰحِدَةٌ ١٣پوءِ جڏھن صُور ۾ ھڪڙي ڦوڪ ڦوڪبي وَحُمِلَتِ ٱلۡأَرۡضُ وَٱلۡجِبَالُ فَدُكَّتَا دَكَّةً وَٰحِدَةً ١٤۽ زمين ۽ جبل کنيا ويندا پوءِ ھڪ ڀيرو انھن کي ڪٽيو ويندو فَيَوۡمَئِذٍ وَقَعَتِ ٱلۡوَاقِعَةُ ١٥پوءِ اُن ڏينھن قيامت قائم ٿيندي وَٱنشَقَّتِ ٱلسَّمَآءُ فَهِيَ يَوۡمَئِذٍ وَاهِيَةٌ ١٦۽ آسمان ڦاٽندو پوءِ اُھو اُن ڏينھن ڍلو ٿيل ھوندو وَٱلۡمَلَكُ عَلَىٰٓ أَرۡجَآئِهَاۚ وَيَحۡمِلُ عَرۡشَ رَبِّكَ فَوۡقَهُمۡ يَوۡمَئِذٍ ثَمَٰنِيَةٌ ١٧۽ ملائڪ آسمان جي ڪنارن تي ھوندا، ۽ تنھنجي پالڻھار جو تخت اُن ڏينھن اٺ ملائڪ پنھنجي مٿان کڻندا يَوۡمَئِذٍ تُعۡرَضُونَ لَا تَخۡفَىٰ مِنكُمۡ خَافِيَةٌ ١٨اُن ڏينھن اوھان کي (الله جي) آڏو ڪيو ويندو اوھان جي ڪا ڳالھ ڳجھي لڪي نه رھندي فَأَمَّا مَنۡ أُوتِيَ كِتَٰبَهُۥ بِيَمِينِهِۦ فَيَقُولُ هَآؤُمُ ٱقۡرَءُواْ كِتَٰبِيَهۡ ١٩پوءِ جنھن کي سندس اعمالنامون سندس سڄي ھٿ ۾ ڏنو ويو سو چوندو ته وٺو منھنجو اعمالنامو پڙھو إِنِّي ظَنَنتُ أَنِّي مُلَٰقٍ حِسَابِيَهۡ ٢٠بيشڪ مون يقين رکيو ھو ته آءٌ پنھنجي حساب کي پھچندس فَهُوَ فِي عِيشَةٍ رَّاضِيَةٍ ٢١اُھو چڱي گذران ۾ ھوندو فِي جَنَّةٍ عَالِيَةٍ ٢٢مٿاھين بھشت ۾ قُطُوفُهَا دَانِيَةٌ ٢٣جنھن جا ميوا ويجھا ھوندا كُلُواْ وَٱشۡرَبُواْ هَنِيٓـَٔۢا بِمَآ أَسۡلَفۡتُمۡ فِي ٱلۡأَيَّامِ ٱلۡخَالِيَةِ ٢٤(چئبن ته) وڻنديءَ تي کائو ۽ پيئو انھيءَ ڪري جو گذريل ڏينھن ۾ اڳي موڪليو ھيؤ وَأَمَّا مَنۡ أُوتِيَ كِتَٰبَهُۥ بِشِمَالِهِۦ فَيَقُولُ يَٰلَيۡتَنِي لَمۡ أُوتَ كِتَٰبِيَهۡ ٢٥۽ جنھن کي سندس اعمالنامون سندس کٻي ھٿ ۾ ڏنو ويو، سو چوندو ھاءِ ارمان جيڪر منھنجو اعمالنامون مون کي نه ملي ھا وَلَمۡ أَدۡرِ مَا حِسَابِيَهۡ ٢٦نه ڄاڻان ھا ته منھنجو حساب ڇا آھي؟ يَٰلَيۡتَهَا كَانَتِ ٱلۡقَاضِيَةَ ٢٧ھاءِ ارمان جيڪر موت نبيريندڙ ھجي ھا مَآ أَغۡنَىٰ عَنِّي مَالِيَهۡۜ ٢٨منھنجي مال مون کي (ڪو) فائدو نه ڏنو هَلَكَ عَنِّي سُلۡطَٰنِيَهۡ ٢٩مون کان منھنجي بادشاھت چٽ ٿي خُذُوهُ فَغُلُّوهُ ٣٠(ملائڪن کي چئبو ته) پڪڙيوس پوءِ ڳچيءَ ۾ ڳٽ ٻڌوس ثُمَّ ٱلۡجَحِيمَ صَلُّوهُ ٣١وري دوزخ ۾ وجھوس ثُمَّ فِي سِلۡسِلَةٍ ذَرۡعُهَا سَبۡعُونَ ذِرَاعًا فَٱسۡلُكُوهُ ٣٢وري اھڙي زنجير ۾ قابو ڪريوس جنھن جي ڊيگھ ستر گز ھجي إِنَّهُۥ كَانَ لَا يُؤۡمِنُ بِٱللَّهِ ٱلۡعَظِيمِ ٣٣ڇو ته اُھو (ماڻھو) الله وڏي کي نه مڃيندو ھو وَلَا يَحُضُّ عَلَىٰ طَعَامِ ٱلۡمِسۡكِينِ ٣٤۽ نڪي (ٻـين کي) مسڪينن جي کارائڻ تي تاڪيد ڪندو ھو فَلَيۡسَ لَهُ ٱلۡيَوۡمَ هَٰهُنَا حَمِيمٌ ٣٥تنھنڪري اُن جو اڄ ھت ڪو دوست ڪونھي وَلَا طَعَامٌ إِلَّا مِنۡ غِسۡلِينٍ ٣٦۽ نڪي اُن جو ڦٽن جي روڳ کانسواءِ ٻيو ڪو کاڌو آھي لَّا يَأۡكُلُهُۥٓ إِلَّا ٱلۡخَٰطِـُٔونَ ٣٧(جو) ڏوھارين کانسواءِ (ٻيو) ڪو ان کي نه کارائيندو فَلَآ أُقۡسِمُ بِمَا تُبۡصِرُونَ ٣٨پوءِ جيڪي ڏسو ٿا اُن جو قسم کڻان ٿو وَمَا لَا تُبۡصِرُونَ ٣٩۽ جيڪي نه ٿا ڏسو تنھن جو (به) إِنَّهُۥ لَقَوۡلُ رَسُولٍ كَرِيمٍ ٤٠ته بيشڪ ھي (قرآن) ھڪ سڳوري قاصد جو سنيھو آھي وَمَا هُوَ بِقَوۡلِ شَاعِرٍۚ قَلِيلًا مَّا تُؤۡمِنُونَ ٤١۽ اُھو ڪنھن شاعر جو ڪلام نه آھي، اوھين ٿورڙو يقين رکو ٿا وَلَا بِقَوۡلِ كَاهِنٍۚ قَلِيلًا مَّا تَذَكَّرُونَ ٤٢۽ نڪي ڪنھن ڳجھ بڪندڙ جو ڪلام آھي، ٿوري نصيحت وٺو ٿا تَنزِيلٌ مِّن رَّبِّ ٱلۡعَٰلَمِينَ ٤٣(ھيءُ) جھانن جي پالڻھار کان نازل ٿيل آھي وَلَوۡ تَقَوَّلَ عَلَيۡنَا بَعۡضَ ٱلۡأَقَاوِيلِ ٤٤۽ جيڪڏھن (پيغمبر) اسان تي ڪي ڳالھيون (پاڻون) ٺاھي ھا لَأَخَذۡنَا مِنۡهُ بِٱلۡيَمِينِ ٤٥ته ضرور سڄي ھٿ کان کيس پڪڙيون ھا ثُمَّ لَقَطَعۡنَا مِنۡهُ ٱلۡوَتِينَ ٤٦وري سندس دل جي رڳ وڍي ڇڏيون ھا فَمَا مِنكُم مِّنۡ أَحَدٍ عَنۡهُ حَٰجِزِينَ ٤٧پوءِ اوھان مان ڪو ھڪڙو (اسان جي عذاب کي) کانئس جھلڻ وارو نه آھي وَإِنَّهُۥ لَتَذۡكِرَةٌ لِّلۡمُتَّقِينَ ٤٨۽ بيشڪ ھي (قرآن) پرھيزگارن لاءِ نصيحت آھي وَإِنَّا لَنَعۡلَمُ أَنَّ مِنكُم مُّكَذِّبِينَ ٤٩۽ بيشڪ اسين ڄاڻون ٿا ته ڪي اوھان مان ڪوڙ ڀانئيندڙ آھن وَإِنَّهُۥ لَحَسۡرَةٌ عَلَى ٱلۡكَٰفِرِينَ ٥٠۽ بيشڪ ھي (قرآن) ڪافرن لاءِ ارمان (جو سبب) آھي وَإِنَّهُۥ لَحَقُّ ٱلۡيَقِينِ ٥١۽ بيشڪ ھي (قرآن) پورو سَچو آھي فَسَبِّحۡ بِٱسۡمِ رَبِّكَ ٱلۡعَظِيمِ ٥٢تنھنڪري تون پنھنجي وڏي پالڻھار جي نالي کي پاڪائيءَ سان ياد ڪر

الترجمة: Taj Mehmood Amroti.