ملة الإسلام

السورة 74 · 56 آية · Taj Mehmood Amroti

سورة المدثر باللغة السندية

السورة بالعربية مع التفسير استمع إلى سورة المدثر (1,220 قارئاً)
مكيةسورة المدثر٥٦ آية

بِسۡمِ ٱللَّهِ ٱلرَّحۡمَٰنِ ٱلرَّحِيمِ

يَٰٓأَيُّهَا ٱلۡمُدَّثِّرُ ١اي (پاڻتي) ڪپڙي ويڙھڻ وارا مڙس قُمۡ فَأَنذِرۡ ٢کڙو ٿي پوءِ ڊيڄار وَرَبَّكَ فَكَبِّرۡ ٣۽ پنھنجي پالڻھار جي وڏائي بيان ڪر وَثِيَابَكَ فَطَهِّرۡ ٤۽ پنھنجا ڪپڙا پاڪ رک وَٱلرُّجۡزَ فَٱهۡجُرۡ ٥۽ پليتي کان پري رھ وَلَا تَمۡنُن تَسۡتَكۡثِرُ ٦۽ (اھڙو) احسان نه ڪر جو زيادہ عوض گھرين وَلِرَبِّكَ فَٱصۡبِرۡ ٧۽ پنھنجي پالڻھار (جي حُڪم) لاءِ صبر اختيار ڪر فَإِذَا نُقِرَ فِي ٱلنَّاقُورِ ٨پوءِ جڏھن صُور ۾ ڦوڪبو فَذَٰلِكَ يَوۡمَئِذٍ يَوۡمٌ عَسِيرٌ ٩تڏھن اُن ڏينھن اوکو وقت ٿيندو عَلَى ٱلۡكَٰفِرِينَ غَيۡرُ يَسِيرٍ ١٠ڪافرن تي اڻ سکيو (وقت) ھوندو ذَرۡنِي وَمَنۡ خَلَقۡتُ وَحِيدًا ١١مون کي ۽ جنھن کي اڪيلو پيدا ڪيم تنھن کي ڇڏي ڏي وَجَعَلۡتُ لَهُۥ مَالًا مَّمۡدُودًا ١٢۽ اُن کي گھڻو مال ڏنم وَبَنِينَ شُهُودًا ١٣۽ (مجلسن ۾) حاضر ٿيڻ وارا پُٽ (به ڏنم) وَمَهَّدتُّ لَهُۥ تَمۡهِيدًا ١٤۽ ان کي پوري طرح وڌايم ثُمَّ يَطۡمَعُ أَنۡ أَزِيدَ ١٥وري (به) لالچ رکندو آھي ته (کيس) وڌيڪ ڏيان كـَلَّآۖ إِنَّهُۥ كَانَ لِأٓيَٰتِنَا عَنِيدًا ١٦ائين نه آھي، بيشڪ اُھو اسان جي آيتن سان جھڳڙو ڪندڙ آھي سَأُرۡهِقُهُۥ صَعُودًا ١٧جلد اُن کي وڏي سختي سان تڪليف ڏيندس إِنَّهُۥ فَكَّرَ وَقَدَّرَ ١٨بيشڪ اُن دل ۾ سوچ ڪئي ۽ ٺھراءُ ڪيو فَقُتِلَ كَيۡفَ قَدَّرَ ١٩پوءِ لعنت ھجيس شال ڪيئن ٺھراء ڪيائين ثُمَّ قُتِلَ كَيۡفَ قَدَّرَ ٢٠وري به لعنت ھجيس شال ڪيئن ٺھراءُ ڪيائين ثُمَّ نَظَرَ ٢١وري (غور ڪري) ڏٺائين ثُمَّ عَبَسَ وَبَسَرَ ٢٢وري منھن ۾ شور وڌائين ۽ گھنڊ پاتائين ثُمَّ أَدۡبَرَ وَٱسۡتَكۡبَرَ ٢٣وري پٺيرو ٿيو ۽ وڏائي ڪيائين فَقَالَ إِنۡ هَٰذَآ إِلَّا سِحۡرٌ يُؤۡثَرُ ٢٤پوءِ چيائين ته ھي (قرآن) رڳو جادو آھي جو (جادوگرن کان) ھليو اچي ٿو إِنۡ هَٰذَآ إِلَّا قَوۡلُ ٱلۡبَشَرِ ٢٥ھي (قرآن) رڳو ماڻھوءَ جو ڪلام آھي سَأُصۡلِيهِ سَقَرَ ٢٦جلد اُن کي دوزخ ۾ وجھندس وَمَآ أَدۡرَىٰكَ مَا سَقَرُ ٢٧۽ توکي ڪھڙي شيءَ ڄاڻايو ته دوزخ ڇا آھي لَا تُبۡقِي وَلَا تَذَرُ ٢٨اُھو نڪي ڪجھ (گوشت) رھائي ٿو ۽ نڪي (ھڏا) ڇڏي ٿو لَوَّاحَةٌ لِّلۡبَشَرِ ٢٩ماڻھن کي (ساڙي) ڪارو ڪندڙ آھي عَلَيۡهَا تِسۡعَةَ عَشَرَ ٣٠اُن تي اُڻويہ ڄڻا دربان آھن وَمَا جَعَلۡنَآ أَصۡحَٰبَ ٱلنَّارِ إِلَّا مَلَٰٓئِكَةًۖ وَمَا جَعَلۡنَا عِدَّتَهُمۡ إِلَّا فِتۡنَةً لِّلَّذِينَ كَفَرُواْ لِيَسۡتَيۡقِنَ ٱلَّذِينَ أُوتُواْ ٱلۡكِتَٰبَ وَيَزۡدَادَ ٱلَّذِينَ ءَامَنُوٓاْ إِيمَٰنًا وَلَا يَرۡتَابَ ٱلَّذِينَ أُوتُواْ ٱلۡكِتَٰبَ وَٱلۡمُؤۡمِنُونَ وَلِيَقُولَ ٱلَّذِينَ فِي قُلُوبِهِم مَّرَضٌ وَٱلۡكَٰفِرُونَ مَاذَآ أَرَادَ ٱللَّهُ بِهَٰذَا مَثَلًاۚ كَذَٰلِكَ يُضِلُّ ٱللَّهُ مَن يَشَآءُ وَيَهۡدِي مَن يَشَآءُۚ وَمَا يَعۡلَمُ جُنُودَ رَبِّكَ إِلَّا هُوَۚ وَمَا هِيَ إِلَّا ذِكۡرَىٰ لِلۡبَشَرِ ٣١۽ دوزخ جا دربان رڳو ملائڪ ڪيا اٿون، ۽ سندن ڳاڻيٽو رڳو ڪافرن لاءِ پرک ڪئي اٿون ته ڪتاب وارا يقين ڪن ۽ ايمان وارا پنھنجي ايمان ۾ وڌن ۽ ڪتاب وارا ۽ مؤمن شڪ ۾ نه پون ۽ ته جن جي دلين ۾ (منافقيءَ جي) بيماري آھي سي ۽ ڪافر چون ته ھن مثال ڏيڻ ۾ الله جو ڇا مطلب آھي، اھڙيءَ طرح الله جنھن کي گھري (تنھن کي) ڀلائيندو آھي ۽ جنھن کي گھري (تنھن کي) ھدايت ڪندو آھي، ۽ تنھنجي پالڻھار جا لشڪر اُن کانسواءِ (ٻيو) ڪونه ڄاڻندو آھي، ۽ ھيءَ (دوزخ) سڀ ڪنھن ماڻھوءَ لاءِ رڳو نصيحت آھي كـَلَّا وَٱلۡقَمَرِ ٣٢سچ چوان ٿو چنڊ جو قسم آھي وَٱلَّيۡلِ إِذۡ أَدۡبَرَ ٣٣۽ رات جو جڏھن پٺ ڦيري وَٱلصُّبۡحِ إِذَآ أَسۡفَرَ ٣٤۽ صبح جو (قسم آھي) جڏھن روشن ٿئي إِنَّهَا لَإِحۡدَى ٱلۡكُبَرِ ٣٥ته بيشڪ دوزخ ھڪ وڏين شين مان آھي نَذِيرًا لِّلۡبَشَرِ ٣٦(سڀڪنھن) ماڻھو کي ڊيڄاريندڙ آھي لِمَن شَآءَ مِنكُمۡ أَن يَتَقَدَّمَ أَوۡ يَتَأَخَّرَ ٣٧اوھان مان انھي لاءِ جيڪو گھري ته (بھشت) لاءِ اڳي وڌي يا (دوزخ ۾) پٺ تي رھي كُلُّ نَفۡسِۭ بِمَا كَسَبَتۡ رَهِينَةٌ ٣٨سڀڪو جيءُ پنھنجي ڪئي ۾ ڳه پيل آھي إِلَّآ أَصۡحَٰبَ ٱلۡيَمِينِ ٣٩پر سڄي پاسي وارا (ڇٽل آھن) فِي جَنَّٰتٍ يَتَسَآءَلُونَ ٤٠(بھشت جي) باغن ۾ ھوندا، گڏجي پڇندا عَنِ ٱلۡمُجۡرِمِينَ ٤١ڏوھارين کان مَا سَلَكَكُمۡ فِي سَقَرَ ٤٢ته اوھان کي دوزخ ۾ ڪھڙي ڳالھ وڌو قَالُواْ لَمۡ نَكُ مِنَ ٱلۡمُصَلِّينَ ٤٣چوندا ته نڪي نمازين مان ھواسون وَلَمۡ نَكُ نُطۡعِمُ ٱلۡمِسۡكِينَ ٤٤۽ نڪي مسڪينن کي کارائيندا ھواسون وَكُنَّا نَخُوضُ مَعَ ٱلۡخَآئِضِينَ ٤٥۽ بڪواتن سان گڏ بڪوات ڪندا ڪندا ھواسون وَكُنَّا نُكَذِّبُ بِيَوۡمِ ٱلدِّينِ ٤٦۽ بدلي جي ڏينھن کي ڪوڙ ڀانئيندا ھواسون حَتَّىٰٓ أَتَىٰنَا ٱلۡيَقِينُ ٤٧تان جو اسان کي موت پھتو فَمَا تَنفَعُهُمۡ شَفَٰعَةُ ٱلشَّٰفِعِينَ ٤٨پوءِ کين پارت ڪندڙن جي پارت نفعو نه ڏيندي فَمَا لَهُمۡ عَنِ ٱلتَّذۡكِرَةِ مُعۡرِضِينَ ٤٩پوءِ انھن کي ڇا (ٿيو) آھي جو نصيحت کان منھن موڙيندڙ (ٿيا) آھن كَأَنَّهُمۡ حُمُرٌ مُّسۡتَنفِرَةٌ ٥٠ڄڻ ته اُھي ٽھندڙ گڏھ آھن فَرَّتۡ مِن قَسۡوَرَةِۭ ٥١جي شينھن کان ڀڳا ھجن بَلۡ يُرِيدُ كُلُّ ٱمۡرِيٍٕ مِّنۡهُمۡ أَن يُؤۡتَىٰ صُحُفًا مُّنَشَّرَةً ٥٢بلڪ منجھائن ھر ھڪ مڙس گھرندو آھي ته کيس (آسمان) مان کليل ڪتاب ڏجن كـَلَّاۖ بَل لَّا يَخَافُونَ ٱلۡأٓخِرَةَ ٥٣ائين نه آھي، بلڪ آخرت کان نه ٿا ڊڄن كـَلَّآ إِنَّهُۥ تَذۡكِرَةٌ ٥٤سچ آھي ته بيشڪ قرآن ھڪ نصيحت آھي فَمَن شَآءَ ذَكَرَهُۥ ٥٥پوءِ جيڪو گُھري سو اُن کي پڙھي وَمَا يَذۡكُرُونَ إِلَّآ أَن يَشَآءَ ٱللَّهُۚ هُوَ أَهۡلُ ٱلتَّقۡوَىٰ وَأَهۡلُ ٱلۡمَغۡفِرَةِ ٥٦۽ الله جي گھر کانسواءِ (ان کي) ياد ڪري نه سگھندا آھن، (الله) اُھو آھي جنھن کان ڊڄڻ گھرجي ۽ اھو بخشش جو به مالڪ آھي

الترجمة: Taj Mehmood Amroti.