ملة الإسلام

السورة 56 · 96 آية · Taj Mehmood Amroti

سورة الواقعة باللغة السندية

السورة بالعربية مع التفسير استمع إلى سورة الواقعة (1,362 قارئاً)
مكيةسورة الواقعة٩٦ آية

بِسۡمِ ٱللَّهِ ٱلرَّحۡمَٰنِ ٱلرَّحِيمِ

إِذَا وَقَعَتِ ٱلۡوَاقِعَةُ ١جڏھن قيامت ايندي لَيۡسَ لِوَقۡعَتِهَا كَاذِبَةٌ ٢جنھنجي اچڻ ۾ ڪو ڪوڙ نه آھي خَافِضَةٌ رَّافِعَةٌ ٣ڪن کي جھڪي ڪرڻ واري ۽ ڪن کي مٿاھين ڪرڻ واري إِذَا رُجَّتِ ٱلۡأَرۡضُ رَجًّا ٤جڏھن زمين سخت ڌوڏبي وَبُسَّتِ ٱلۡجِبَالُ بَسًّا ٥۽ جبل پوري طرح ڀڃي پڻي ڪيا ويندا فَكَانَتۡ هَبَآءً مُّنۢبَثًّا ٦پوءِ اُڏاريل دُز وانگر ٿيندا وَكُنتُمۡ أَزۡوَٰجًا ثَلَٰثَةً ٧۽ اوھين تڏھن ٽي ٽوليون ٿيندؤ فَأَصۡحَٰبُ ٱلۡمَيۡمَنَةِ مَآ أَصۡحَٰبُ ٱلۡمَيۡمَنَةِ ٨پوءِ سڄي پاسي وارا، سڄي پاسي وارا ڪھڙا ته چڱا ھوندا وَأَصۡحَٰبُ ٱلۡمَشۡـَٔمَةِ مَآ أَصۡحَٰبُ ٱلۡمَشۡـَٔمَةِ ٩۽ کٻي پاسي وارا، کٻي پاسي وارا ڪھڙا (ته) بدحال ھوندا؟ وَٱلسَّٰبِقُونَ ٱلسَّٰبِقُونَ ١٠۽ (چڱاين ۾) اڳرائي ڪرڻ وارا اڳي ٿيڻ وارا أُوْلَٰٓئِكَ ٱلۡمُقَرَّبُونَ ١١اھي (ئي) مقرب آھن فِي جَنَّٰتِ ٱلنَّعِيمِ ١٢نعمتن وارن باغن ۾ ھوندا ثُلَّةٌ مِّنَ ٱلۡأَوَّلِينَ ١٣گھڻا پھرين مان وَقَلِيلٌ مِّنَ ٱلۡأٓخِرِينَ ١٤۽ ٿورا پوين مان عَلَىٰ سُرُرٍ مَّوۡضُونَةٍ ١٥(سون سان) اُڻيل تخت تي مُّتَّكِـِٔينَ عَلَيۡهَا مُتَقَٰبِلِينَ ١٦ھڪ ٻئي جي آمھون سامھون ٿي مٿن ٽيڪ ڏئي ويٺل ھوندا يَطُوفُ عَلَيۡهِمۡ وِلۡدَٰنٌ مُّخَلَّدُونَ ١٧ھميشه رھڻ وارا نينگر وٽن پيا ايندا ويندا بِأَكۡوَابٍ وَأَبَارِيقَ وَكَأۡسٍ مِّن مَّعِينٍ ١٨آبخورن ۽ ڪوزن سان ۽ وھندڙ شراب مان (ڀريل) پيالا (آڻيندن) لَّا يُصَدَّعُونَ عَنۡهَا وَلَا يُنزِفُونَ ١٩(اھڙو صاف) جنھن کان نڪي مٿي ۾ سور پوندن ۽ نڪي بيھوش ھوندا وَفَٰكِهَةٍ مِّمَّا يَتَخَيَّرُونَ ٢٠۽ (پڻ ھر جنس جو) ميوو جتان وڻندن وَلَحۡمِ طَيۡرٍ مِّمَّا يَشۡتَهُونَ ٢١۽ پکين جو گوشت جنھن قسم مان (پيو) گھرين وَحُورٌ عِينٌ ٢٢۽ وڏين اکين وارون حورون كَأَمۡثَٰلِ ٱللُّؤۡلُوِٕ ٱلۡمَكۡنُونِ ٢٣(ڄڻڪ) ڍڪيل موتين جھڙيون جَزَآءَۢ بِمَا كَانُواْ يَعۡمَلُونَ ٢٤جيڪي ڪمايو ھوائون تنھنجي بدلي ۾ لَا يَسۡمَعُونَ فِيهَا لَغۡوًا وَلَا تَأۡثِيمًا ٢٥اتي نڪا اجائي بَڪ نڪا گناھ جھڙي ڳالھ ٻڌندا إِلَّا قِيلًا سَلَٰمًا سَلَٰمًا ٢٦پر ھر ڪو سلام سلام پيو چوندو وَأَصۡحَٰبُ ٱلۡيَمِينِ مَآ أَصۡحَٰبُ ٱلۡيَمِينِ ٢٧۽ سڄي پاسي وارا، سڄي پاسي وارا ڪھڙي حال ھوندا فِي سِدۡرٍ مَّخۡضُودٍ ٢٨لاسڙين ٻيرين ۾ وَطَلۡحٍ مَّنضُودٍ ٢٩۽ ڀريل ڦردار ڪيوڙن ۾ وَظِلٍّ مَّمۡدُودٍ ٣٠۽ ڊگھن پاڇن ۾ وَمَآءٍ مَّسۡكُوبٍ ٣١۽ (ھيٺ) ڪرندڙ پاڻي ۾ وَفَٰكِهَةٍ كَثِيرَةٍ ٣٢۽ گھڻن ميون ۾ لَّا مَقۡطُوعَةٍ وَلَا مَمۡنُوعَةٍ ٣٣نڪي کُٽندا ۽ نڪي (کائن) جھلبا وَفُرُشٍ مَّرۡفُوعَةٍ ٣٤۽ اُچا وڇاڻا إِنَّآ أَنشَأۡنَٰهُنَّ إِنشَآءً ٣٥بيشڪ اسان حورن کي ھڪ نموني تي پيدا ڪيو آھي فَجَعَلۡنَٰهُنَّ أَبۡكَارًا ٣٦پوءِ کين ڪنواريون بڻايوسون عُرُبًا أَتۡرَابًا ٣٧مڙسن کي وڻندڙ ھڪ جيڏيون لِّأَصۡحَٰبِ ٱلۡيَمِينِ ٣٨سڄي پاسي وارن لاءِ ثُلَّةٌ مِّنَ ٱلۡأَوَّلِينَ ٣٩گھڻي جماعت پھرين مان آھي وَثُلَّةٌ مِّنَ ٱلۡأٓخِرِينَ ٤٠۽ گھڻي جماعت پوين مان آھي وَأَصۡحَٰبُ ٱلشِّمَالِ مَآ أَصۡحَٰبُ ٱلشِّمَالِ ٤١۽ کٻي پاسي وارا، کٻي پاسي وارا ڪھڙا بدحال ھوندا فِي سَمُومٍ وَحَمِيمٍ ٤٢ڪوسي جھولي ۽ تَتي پاڻيءَ ۾ ھوندا وَظِلٍّ مِّن يَحۡمُومٍ ٤٣۽ ڪاري دونھين جي پاڇي ۾ ھوندا لَّا بَارِدٍ وَلَا كَرِيمٍ ٤٤جو نڪي ٿڌو ھوندو ۽ نڪي سھائيندڙ إِنَّهُمۡ كَانُواْ قَبۡلَ ذَٰلِكَ مُتۡرَفِينَ ٤٥بيشڪ اُھي ھن کان اڳ (دُنيا ۾) سُک ۾ پيل ھوا وَكَانُواْ يُصِرُّونَ عَلَى ٱلۡحِنثِ ٱلۡعَظِيمِ ٤٦۽ وڏي گناھ (شرڪ) تي ضد ڪندا ھوا وَكَانُواْ يَقُولُونَ أَئِذَا مِتۡنَا وَكُنَّا تُرَابًا وَعِظَٰمًا أَءِنَّا لَمَبۡعُوثُونَ ٤٧۽ چوندا ھوا ته، جڏھن مرنداسون ۽ مٽي ۽ ھڏا ٿينداسون (تڏھن) اسين وري (قبرن مان) اُٿاريا وينداسون ڇا؟ أَوَءَابَآؤُنَا ٱلۡأَوَّلُونَ ٤٨يا اسان جا پھريان پيءُ ڏاڏا قُلۡ إِنَّ ٱلۡأَوَّلِينَ وَٱلۡأٓخِرِينَ ٤٩(اي پيغمبر) چؤ ته بيشڪ اڳيان ۽ پويان لَمَجۡمُوعُونَ إِلَىٰ مِيقَٰتِ يَوۡمٍ مَّعۡلُومٍ ٥٠ھڪ مقرّر ڪيل ڏينھن جي وقت تي ضرور گڏ ڪيا ويندا ثُمَّ إِنَّكُمۡ أَيُّهَا ٱلضَّآلُّونَ ٱلۡمُكَذِّبُونَ ٥١وري بيشڪ اوھين اي گمراھو ڪوڙ ڀائيندڙؤ لَأٓكِلُونَ مِن شَجَرٍ مِّن زَقُّومٍ ٥٢ضرور اوھين ٿوھر جي وڻ مان کائيندؤ فَمَالِـُٔونَ مِنۡهَا ٱلۡبُطُونَ ٥٣پوءِ منجھانئس پيٽن کي ڀريندؤ فَشَٰرِبُونَ عَلَيۡهِ مِنَ ٱلۡحَمِيمِ ٥٤پوءِ مٿانئس تَتل پاڻيءَ مان پيئندؤ فَشَٰرِبُونَ شُرۡبَ ٱلۡهِيمِ ٥٥پوءِ اُڃايل اُٺن جي پيئڻ وانگر پيئندؤ هَٰذَا نُزُلُهُمۡ يَوۡمَ ٱلدِّينِ ٥٦قيامت جي ڏينھن اِھا سندن مھماني آھي نَحۡنُ خَلَقۡنَٰكُمۡ فَلَوۡلَا تُصَدِّقُونَ ٥٧اسان اوھان کي پيدا ڪيو پوءِ (وري جيارڻ کي) ڇونه سچ ڀائيندا آھيو أَفَرَءَيۡتُم مَّا تُمۡنُونَ ٥٨ڀلا ڏسو ته سھي ته جيڪا مني وجھندا آھيو ءَأَنتُمۡ تَخۡلُقُونَهُۥٓ أَمۡ نَحۡنُ ٱلۡخَٰلِقُونَ ٥٩تنھن مان اوھين خلقيو ٿا ڇا؟ يا اسين خلقڻ وارا آھيون؟ نَحۡنُ قَدَّرۡنَا بَيۡنَكُمُ ٱلۡمَوۡتَ وَمَا نَحۡنُ بِمَسۡبُوقِينَ ٦٠اسان اوھان ۾ موت مقرّر ڪيو آھي ۽ اسين عاجز نه آھيون عَلَىٰٓ أَن نُّبَدِّلَ أَمۡثَٰلَكُمۡ وَنُنشِئَكُمۡ فِي مَا لَا تَعۡلَمُونَ ٦١ته اوھان جھڙن کي مٽائي پيدا ڪريون ۽ اوھان کي اھڙي (شڪل) ۾ پيدا ڪريون جنھن کي ڄاڻندا ئي ئي نه ھجو وَلَقَدۡ عَلِمۡتُمُ ٱلنَّشۡأَةَ ٱلۡأُولَىٰ فَلَوۡلَا تَذَكَّرُونَ ٦٢۽ بيشڪ پھرين پيدائش ڄاڻي چڪؤ پوءِ ڇونه ٿا نصيحت وٺو؟ أَفَرَءَيۡتُم مَّا تَحۡرُثُونَ ٦٣ڏسو ته سھي جيڪي اوھين پوکيندا آھيو ءَأَنتُمۡ تَزۡرَعُونَهُۥٓ أَمۡ نَحۡنُ ٱلزَّٰرِعُونَ ٦٤سو اوھين ڄمائيندا آھيو ڇا يا اسين ڄمائيندا آھيون؟ لَوۡ نَشَآءُ لَجَعَلۡنَٰهُ حُطَٰمًا فَظَلۡتُمۡ تَفَكَّهُونَ ٦٥جيڪڏھن گھُرون ته اُن کي ناس ڪري ڇڏيون پوءِ اوھين حيرت ۾ رھجي وڃو إِنَّا لَمُغۡرَمُونَ ٦٦(۽ پيا چئو) ته بيشڪ اسين ٽوٽي ۾ پئجي وياسون بَلۡ نَحۡنُ مَحۡرُومُونَ ٦٧بلڪ اسين بي نصيب آھيون أَفَرَءَيۡتُمُ ٱلۡمَآءَ ٱلَّذِي تَشۡرَبُونَ ٦٨ڀلا ڏسو ته سھي جيڪو پاڻي پيئندا آھيو ءَأَنتُمۡ أَنزَلۡتُمُوهُ مِنَ ٱلۡمُزۡنِ أَمۡ نَحۡنُ ٱلۡمُنزِلُونَ ٦٩اُھو اوھين ڪڪرن مان ھيٺ لاھيندا آھيو ڇا يا اسين ھيٺ لاھيندا آھيون؟ لَوۡ نَشَآءُ جَعَلۡنَٰهُ أُجَاجًا فَلَوۡلَا تَشۡكُرُونَ ٧٠جيڪڏھن گھُرون ته اُن کي کارو ڪري ڇڏيون پوءِ ڇونه شڪرانو ڪندا آھيو؟ أَفَرَءَيۡتُمُ ٱلنَّارَ ٱلَّتِي تُورُونَ ٧١ڀلا ڏسو ته سھي ته جا باھ ٻاريندا آھيو ءَأَنتُمۡ أَنشَأۡتُمۡ شَجَرَتَهَآ أَمۡ نَحۡنُ ٱلۡمُنشِـُٔونَ ٧٢تنھن جي وڻ کي اوھان پيدا ڪيو آھيو آھي ڇا؟ يا اسين پيدا ڪندڙ آھيون نَحۡنُ جَعَلۡنَٰهَا تَذۡكِرَةً وَمَتَٰعًا لِّلۡمُقۡوِينَ ٧٣اسان اُن (وڻ) کي نصيحت وٺڻ لاءِ ۽ مسافرن جي فائدي لاءِ پيدا ڪيو آھي فَسَبِّحۡ بِٱسۡمِ رَبِّكَ ٱلۡعَظِيمِ ٧٤تنھنڪري پنھنجي وڏي پالڻھار جي نالي کي پاڪائي سان ياد ڪر ۞ فَلَآ أُقۡسِمُ بِمَوَٰقِعِ ٱلنُّجُومِ ٧٥پوءِ تارن جي ڪِرڻ جي جاءِ جو قسم کڻان ٿو وَإِنَّهُۥ لَقَسَمٌ لَّوۡ تَعۡلَمُونَ عَظِيمٌ ٧٦۽ جيڪڏھن ڄاڻو ته بيشڪ اُھو قسم وڏو آھي إِنَّهُۥ لَقُرۡءَانٌ كَرِيمٌ ٧٧بيشڪ اھو سڳورو قرآن آھي فِي كِتَٰبٍ مَّكۡنُونٍ ٧٨لڪل ڪتاب ۾ لکيل آھي لَّا يَمَسُّهُۥٓ إِلَّا ٱلۡمُطَهَّرُونَ ٧٩پاڪائيءَ وارن کانسواءِ ٻيو ڪو اُن کي ھٿ نه لائيندو آھي تَنزِيلٌ مِّن رَّبِّ ٱلۡعَٰلَمِينَ ٨٠جھانن جي پالڻھار وٽان نازل ڪيل آھي أَفَبِهَٰذَا ٱلۡحَدِيثِ أَنتُم مُّدۡهِنُونَ ٨١پوءِ اوھين ھن ڳالھ (جي مڃڻ) ۾ سُستي ڪرڻ وارا آھيو ڇا وَتَجۡعَلُونَ رِزۡقَكُمۡ أَنَّكُمۡ تُكَذِّبُونَ ٨٢۽ اُن کي ڪوڙ ڀانئين پنھنجو حصّو ڪريو ٿا فَلَوۡلَآ إِذَا بَلَغَتِ ٱلۡحُلۡقُومَ ٨٣پوءِ جنھن مھل (ڪنھنجو) ساھ نر گھٽ وٽ پھچي وَأَنتُمۡ حِينَئِذٍ تَنظُرُونَ ٨٤۽ اوھين انھيءَ مھل پيا ٿا ڏسو وَنَحۡنُ أَقۡرَبُ إِلَيۡهِ مِنكُمۡ وَلَٰكِن لَّا تُبۡصِرُونَ ٨٥۽ اسين اوھان جي به نسبت اُن ڏانھن تمام ويجھا آھيون پر اوھين نه ڏسندا آھيو فَلَوۡلَآ إِن كُنتُمۡ غَيۡرَ مَدِينِينَ ٨٦پوءِ جيڪڏھن (اوھين خدا جي حُڪم ۾) لاچار ٿيل نه آھيو تَرۡجِعُونَهَآ إِن كُنتُمۡ صَٰدِقِينَ ٨٧ته جيڪڏھن سچا آھيو ته روح کي ڇو نه موٽايو فَأَمَّآ إِن كَانَ مِنَ ٱلۡمُقَرَّبِينَ ٨٨پوءِ جيڪڏھن (مئل الله جي) ويجھن ٻانھن مان ھوندو فَرَوۡحٌ وَرَيۡحَانٌ وَجَنَّتُ نَعِيمٍ ٨٩ته اُن لاءِ خوشي ۽ سُرھاڻ ۽ نعمت وارو باغ آھي وَأَمَّآ إِن كَانَ مِنۡ أَصۡحَٰبِ ٱلۡيَمِينِ ٩٠۽ جيڪڏھن سڄي پاسي وارن مان ھوندو فَسَلَٰمٌ لَّكَ مِنۡ أَصۡحَٰبِ ٱلۡيَمِينِ ٩١ته سڄي پاسي وارن مان توکي سلامتي آھي وَأَمَّآ إِن كَانَ مِنَ ٱلۡمُكَذِّبِينَ ٱلضَّآلِّينَ ٩٢پر جيڪڏھن اُھو ڪُوڙ ڀانئيندڙن گمراھن مان ھوندو فَنُزُلٌ مِّنۡ حَمِيمٍ ٩٣ته (اُن لاءِ) تَتل پاڻي مھماني وَتَصۡلِيَةُ جَحِيمٍ ٩٤۽ دوزخ ۾ گھيڙڻ آھي إِنَّ هَٰذَا لَهُوَ حَقُّ ٱلۡيَقِينِ ٩٥بيشڪ ھي خبر پوري يقيني آھي فَسَبِّحۡ بِٱسۡمِ رَبِّكَ ٱلۡعَظِيمِ ٩٦تنھنڪري پنھنجي پالڻھار وڏي جي نالي کي پاڪائيءَ سان ياد ڪر

الترجمة: Taj Mehmood Amroti.