ملة الإسلام

السورة 53 · 62 آية · Taj Mehmood Amroti

سورة النجم باللغة السندية

السورة بالعربية مع التفسير استمع إلى سورة النجم (1,299 قارئاً)
مكيةسورة النجم٦٢ آية

بِسۡمِ ٱللَّهِ ٱلرَّحۡمَٰنِ ٱلرَّحِيمِ

وَٱلنَّجۡمِ إِذَا هَوَىٰ ١ستاري جو قسم آھي جڏھن لھي مَا ضَلَّ صَاحِبُكُمۡ وَمَا غَوَىٰ ٢ته اوھان جو (ھي) سنگتي (محمّد) نڪي ڀُلو ۽ نڪي بي راھو ھليو وَمَا يَنطِقُ عَنِ ٱلۡهَوَىٰٓ ٣۽ نڪي (نفس جي) سَڌ کان ڳالھائيندو آھي إِنۡ هُوَ إِلَّا وَحۡيٌ يُوحَىٰ ٤ھيُ قرآن رڳو وحي آھي جو موڪليو ويندو آھي عَلَّمَهُۥ شَدِيدُ ٱلۡقُوَىٰ ٥اُن کي ڏاڍي سگھ واري سيکاريو آھي ذُو مِرَّةٍ فَٱسۡتَوَىٰ ٦جو زور وارو آھي، پوءِ اُھو سِڌو بيٺو وَهُوَ بِٱلۡأُفُقِ ٱلۡأَعۡلَىٰ ٧۽ اُھو (آسمان جي) مٿاھين ڪناري تي ھو ثُمَّ دَنَا فَتَدَلَّىٰ ٨وري ويجھو ٿيو پوءِ ھيٺ لٿو فَكَانَ قَابَ قَوۡسَيۡنِ أَوۡ أَدۡنَىٰ ٩پوءِ ٻن ڪمانن جيتري وِٿي ھئي يا (اُن کان به) تمام ويجھو ھو فَأَوۡحَىٰٓ إِلَىٰ عَبۡدِهِۦ مَآ أَوۡحَىٰ ١٠پوءِ الله جي ٻانھي ڏانھن پيغام پھچايائين جيڪي پھچايائين مَا كَذَبَ ٱلۡفُؤَادُ مَا رَأَىٰٓ ١١جيڪي (پيغمبر جي) دل ڏٺو سو اُن ڪوڙ نه ڄاتو أَفَتُمَٰرُونَهُۥ عَلَىٰ مَا يَرَىٰ ١٢جيڪي (پيغمبر) ڏسندو آھي تنھن ۾ اُن سان جھڳڙو ڇو ڪندا آھيو؟ وَلَقَدۡ رَءَاهُ نَزۡلَةً أُخۡرَىٰ ١٣۽ بيشڪ اُنھيءَ (ملائڪ) کي (انھيءَ مھل) ٻيو ڀيرو (سندس اصلي صورت ۾) ڏٺو ھوائين عِندَ سِدۡرَةِ ٱلۡمُنتَهَىٰ ١٤سِدۡرَةُ الۡمُنۡتَھىٰ وٽ عِندَهَا جَنَّةُ ٱلۡمَأۡوَىٰٓ ١٥اُن وٽ رھڻ جو بھشت آھي إِذۡ يَغۡشَى ٱلسِّدۡرَةَ مَا يَغۡشَىٰ ١٦جنھن مھل سِدرة کي انھيءَ ٿي ڍڪيو جنھن ڍڪيو ٿي مَا زَاغَ ٱلۡبَصَرُ وَمَا طَغَىٰ ١٧(پيغمبر جي اک) نڪي لڙي ۽ نڪي حد کان لنگھي لَقَدۡ رَأَىٰ مِنۡ ءَايَٰتِ رَبِّهِ ٱلۡكُبۡرَىٰٓ ١٨بيشڪ ڪي وڏيون نشانيون پنھنجي پالڻھار جون ڏٺائين أَفَرَءَيۡتُمُ ٱللَّٰتَ وَٱلۡعُزَّىٰ ١٩لات ۽ عُزّىٰ کي ڏٺو اَٿوَ ڇا؟ وَمَنَوٰةَ ٱلثَّالِثَةَ ٱلۡأُخۡرَىٰٓ ٢٠۽ پوئين ٽين منات کي به؟ أَلَكُمُ ٱلذَّكَرُ وَلَهُ ٱلۡأُنثَىٰ ٢١ڇا اوھان لاءِ پٽ آھن ۽ الله لاءِ ڌيئرون تِلۡكَ إِذًا قِسۡمَةٌ ضِيزَىٰٓ ٢٢اِھو ورھاڱو اُنھيءَ مھل بي انصافيءَ وارو آھي إِنۡ هِيَ إِلَّآ أَسۡمَآءٌ سَمَّيۡتُمُوهَآ أَنتُمۡ وَءَابَآؤُكُم مَّآ أَنزَلَ ٱللَّهُ بِهَا مِن سُلۡطَٰنٍۚ إِن يَتَّبِعُونَ إِلَّا ٱلظَّنَّ وَمَا تَهۡوَى ٱلۡأَنفُسُۖ وَلَقَدۡ جَآءَهُم مِّن رَّبِّهِمُ ٱلۡهُدَىٰٓ ٢٣اھي (سڀ) رڳا نالا آھن جي اوھان پاڻ ۽ اوھان جي پِين ڏاڏن مُقرّر ڪيا آھن الله اُن (جي ثابتيءَ) جو ڪو دليل نازل نه ڪيو آھي، (ھيُ) رڳو گمان تي ھلندا آھن ۽ جيڪي (سندن) جيءَ سَڌ ڪندا آھن (تنھن تي به)، ۽ بيشڪ سندن پالڻھار کان وٽن ھدايت آئي آھي أَمۡ لِلۡإِنسَٰنِ مَا تَمَنَّىٰ ٢٤ماڻھو جيڪا سڌ ڪندو آھي سا کيس ملندي ڇا؟ فَلِلَّهِ ٱلۡأٓخِرَةُ وَٱلۡأُولَىٰ ٢٥پوءِ ھو جَڳ ۽ ھيُ جَڳ الله جو آھي ۞ وَكَم مِّن مَّلَكٍ فِي ٱلسَّمَٰوَٰتِ لَا تُغۡنِي شَفَٰعَتُهُمۡ شَيۡـًٔا إِلَّا مِنۢ بَعۡدِ أَن يَأۡذَنَ ٱللَّهُ لِمَن يَشَآءُ وَيَرۡضَىٰٓ ٢٦۽ آسمانن ۾ ڪيترائي ملائڪ آھن جن جي پارت ذري جيترو به نفعو نه ڪندي پر الله جي موڪل ڏيڻ کانپوءِ جنھن لاءِ گھري ۽ راضي ٿئي إِنَّ ٱلَّذِينَ لَا يُؤۡمِنُونَ بِٱلۡأٓخِرَةِ لَيُسَمُّونَ ٱلۡمَلَٰٓئِكَةَ تَسۡمِيَةَ ٱلۡأُنثَىٰ ٢٧بيشڪ جيڪي آخرت کي نه مڃيندا آھن سي ملائڪن تي ڌيئرن جا نالا رکندا آھن وَمَا لَهُم بِهِۦ مِنۡ عِلۡمٍۖ إِن يَتَّبِعُونَ إِلَّا ٱلظَّنَّۖ وَإِنَّ ٱلظَّنَّ لَا يُغۡنِي مِنَ ٱلۡحَقِّ شَيۡـًٔا ٢٨۽ کين ان (ڳالھ) جي ڪا خبر نه آھي، رُڳو گمان تي ھلندا آھن، ۽ بيشڪ گمان حقيقت جي سڃاڻڻ ۾ ڪجھ به نفعو نه ڏيندو آھي فَأَعۡرِضۡ عَن مَّن تَوَلَّىٰ عَن ذِكۡرِنَا وَلَمۡ يُرِدۡ إِلَّا ٱلۡحَيَوٰةَ ٱلدُّنۡيَا ٢٩پوءِ (اي پيغمبر) انھيءَ کان منھن موڙ جنھن اسان جي ياد ڪرڻ کان مُنھن ڦيرايو ۽ دنيا جي حياتيءَ کانسواءِ (ٻيو) ڪي نه گھريائين ذَٰلِكَ مَبۡلَغُهُم مِّنَ ٱلۡعِلۡمِۚ إِنَّ رَبَّكَ هُوَ أَعۡلَمُ بِمَن ضَلَّ عَن سَبِيلِهِۦ وَهُوَ أَعۡلَمُ بِمَنِ ٱهۡتَدَىٰ ٣٠اھا سندن علم جي پڄاڻي آھي، بيشڪ تنھنجو پالڻھار اُنھيءَ کي چڱيءَ طرح ڄاڻندڙ آھي جيڪو سندس واٽ کان ڀُلو ۽ جيڪو سڌي رستي ھليو تنھنکي (به) اُھو چڱي طرح ڄاڻندڙ آھي وَلِلَّهِ مَا فِي ٱلسَّمَٰوَٰتِ وَمَا فِي ٱلۡأَرۡضِ لِيَجۡزِيَ ٱلَّذِينَ أَسَٰٓـُٔواْ بِمَا عَمِلُواْ وَيَجۡزِيَ ٱلَّذِينَ أَحۡسَنُواْ بِٱلۡحُسۡنَى ٣١۽ جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو الله جو آھي ته جن بڇڙا ڪم ڪيا تن کي انھن ڪمن جي ڪري نيٺ سزا ڏئي ۽ جن چڱايون ڪيون تن کي ڀلائيءَ جو بدلو ڏئي ٱلَّذِينَ يَجۡتَنِبُونَ كَبَٰٓئِرَ ٱلۡإِثۡمِ وَٱلۡفَوَٰحِشَ إِلَّا ٱللَّمَمَۚ إِنَّ رَبَّكَ وَٰسِعُ ٱلۡمَغۡفِرَةِۚ هُوَ أَعۡلَمُ بِكُمۡ إِذۡ أَنشَأَكُم مِّنَ ٱلۡأَرۡضِ وَإِذۡ أَنتُمۡ أَجِنَّةٌ فِي بُطُونِ أُمَّهَٰتِكُمۡۖ فَلَا تُزَكُّوٓاْ أَنفُسَكُمۡۖ هُوَ أَعۡلَمُ بِمَنِ ٱتَّقَىٰٓ ٣٢جيڪي ننڍن گناھن کانسواءِ وڏن گناھن ۽ بي حيائيءَ کان پاڻ کي بچائيندا آھن، بيشڪ تنھنجو پالڻھار (اُنھن لاءِ) وڏي بخشش وارو آھي، اُھو اوھان کي وڌيڪ ڄاڻندڙ آھي جڏھن اوھان کي زمين مان پيدا ڪيائين ۽ جڏھن اوھين پنھنجي مائن جي پيٽن ۾ ٻار ھئؤ، تنھنڪري اوھين پاڻ کي نه ساراھيو، الله انھيءَ کي چڱي طرح ڄاڻندڙ آھي جيڪو پرھيزگار ٿيو أَفَرَءَيۡتَ ٱلَّذِي تَوَلَّىٰ ٣٣(اي پيغمبر) ڇا پوءِ ڏٺو اٿئي انھي کي جيڪو ڦريو وَأَعۡطَىٰ قَلِيلًا وَأَكۡدَىٰٓ ٣٤۽ ٿورو (مال) ڏنائين ۽ سخت دل ٿيو أَعِندَهُۥ عِلۡمُ ٱلۡغَيۡبِ فَهُوَ يَرَىٰٓ ٣٥وٽس ڳجھ جي خبر آھي ڇا جو ڄڻڪ اُھو (سڀ ڪجھ) اکين سان ڏسندو آھي أَمۡ لَمۡ يُنَبَّأۡ بِمَا فِي صُحُفِ مُوسَىٰ ٣٦اُنھيءَ جي خبر کيس نه ڏني وئي ڇا جيڪي موسىٰ جي صحيفن ۾ (لکيل) آھي وَإِبۡرَٰهِيمَ ٱلَّذِي وَفَّىٰٓ ٣٧۽ (جيڪي) ابراھيم (جي صحيفن ۾ آھي) جنھن (الله جي حَقن کي) پورو ڪيو أَلَّا تَزِرُ وَازِرَةٌ وِزۡرَ أُخۡرَىٰ ٣٨(ھيُ حُڪم) ته ڪو بار کڻندڙ ڪنھن ٻئي (جي گناھ) جو بار نه کڻندو وَأَن لَّيۡسَ لِلۡإِنسَٰنِ إِلَّا مَا سَعَىٰ ٣٩۽ ته ماڻھوءَ کي رڳو اُھائي (ڪمائي) ملندي جيڪا ڪيائين وَأَنَّ سَعۡيَهُۥ سَوۡفَ يُرَىٰ ٤٠۽ ته سندس ڪمائي جلد ڏٺي ويندي ثُمَّ يُجۡزَىٰهُ ٱلۡجَزَآءَ ٱلۡأَوۡفَىٰ ٤١وري کيس تمام پورو بدلو (انھي ڪمائي موجب) ڏنو ويندو وَأَنَّ إِلَىٰ رَبِّكَ ٱلۡمُنتَهَىٰ ٤٢۽ ته تنھنجي پالڻھار ڏانھن موٽڻ آھي وَأَنَّهُۥ هُوَ أَضۡحَكَ وَأَبۡكَىٰ ٤٣۽ ته اُن کلايو ۽ رئاريو وَأَنَّهُۥ هُوَ أَمَاتَ وَأَحۡيَا ٤٤۽ ته اُن ماريو ۽ جياريو وَأَنَّهُۥ خَلَقَ ٱلزَّوۡجَيۡنِ ٱلذَّكَرَ وَٱلۡأُنثَىٰ ٤٥۽ ته اُن (الله) نر ۽ مادي جوڙو جوڙو بڻايو مِن نُّطۡفَةٍ إِذَا تُمۡنَىٰ ٤٦منيءَ جي ھڪ ڦڙي مان جڏھن (ڳڀيرڻ ۾) ھاريو وڃي وَأَنَّ عَلَيۡهِ ٱلنَّشۡأَةَ ٱلۡأُخۡرَىٰ ٤٧۽ ته اُن تي اُھو ٻيو (ڀيرو) پيدا ڪرڻ لازم آھي وَأَنَّهُۥ هُوَ أَغۡنَىٰ وَأَقۡنَىٰ ٤٨۽ ته اُن آسودو ڪيو ۽ موڙي ڏنائين وَأَنَّهُۥ هُوَ رَبُّ ٱلشِّعۡرَىٰ ٤٩۽ ته اُھو ئي شِعۡرىٰ تاري جو پالڻھار آھي وَأَنَّهُۥٓ أَهۡلَكَ عَادًا ٱلۡأُولَىٰ ٥٠۽ ته اُن پھرين عاد کي ناس ڪيو وَثَمُودَاْ فَمَآ أَبۡقَىٰ ٥١۽ ثمود کي (به) پوءِ انھن مان (ڪنھين کي) باقي نه ڇڏيائين وَقَوۡمَ نُوحٍ مِّن قَبۡلُۖ إِنَّهُمۡ كَانُواْ هُمۡ أَظۡلَمَ وَأَطۡغَىٰ ٥٢۽ اُن کان اڳ نُوح جي قوم کي به ھلاڪ ڪيائين، ڇوته اُھي ڏاڍا ظالم ۽ تمام حد کان لنگھيل ھوا وَٱلۡمُؤۡتَفِكَةَ أَهۡوَىٰ ٥٣۽ (شھر) اونڌي ڪيل کي ھيٺ اُڇليائين فَغَشَّىٰهَا مَا غَشَّىٰ ٥٤پوءِ اُن کي ڍڪيو جنھن ڍڪيو فَبِأَيِّ ءَالَآءِ رَبِّكَ تَتَمَارَىٰ ٥٥پوءِ اي ماڻھو پنھنجي پالڻھار جي نعمتن مان ڪھڙيءَ ۾ شڪ ٿو ڪرين هَٰذَا نَذِيرٌ مِّنَ ٱلنُّذُرِ ٱلۡأُولَىٰٓ ٥٦ھي (پيغمبر) اڳين ڊيڄاريندڙن (جي جنس) مان (ھڪ) ڊيڄاريندڙ آھي أَزِفَتِ ٱلۡأٓزِفَةُ ٥٧ويجھي اچڻ واري (قيامت) ويجھي آھي لَيۡسَ لَهَا مِن دُونِ ٱللَّهِ كَاشِفَةٌ ٥٨اُن کي الله کانسواءِ ڪو ظاھر ڪرڻ وارو ڪونھي أَفَمِنۡ هَٰذَا ٱلۡحَدِيثِ تَعۡجَبُونَ ٥٩ھن ڳالھ کان تعجب ڪندا آھيو ڇا؟ وَتَضۡحَكُونَ وَلَا تَبۡكُونَ ٦٠۽ کلندا آھيو ۽ نه رئندا آھيو وَأَنتُمۡ سَٰمِدُونَ ٦١۽ اوھين راند ڪندڙ آھيو فَٱسۡجُدُواْۤ لِلَّهِۤ وَٱعۡبُدُواْ ۩ ٦٢پوءِ الله کي سجدو ڪريو ۽ عبادت ڪريو

الترجمة: Taj Mehmood Amroti.