بِسۡمِ ٱللَّهِ ٱلرَّحۡمَٰنِ ٱلرَّحِيمِ
وَٱلضُّحَىٰ ١مٿي آيل ڏينھن جو قسم آھي وَٱلَّيۡلِ إِذَا سَجَىٰ ٢۽ رات جو (قسم) آھي، جڏھن ڍَڪي ٿي مَا وَدَّعَكَ رَبُّكَ وَمَا قَلَىٰ ٣ته (اي پيغمبر) تنھنجي پالڻھار توکي نه ڇڏيو ۽ نڪي ناراض ٿيو وَلَلۡأٓخِرَةُ خَيۡرٌ لَّكَ مِنَ ٱلۡأُولَىٰ ٤۽ بيشڪ آخرت تولاءِ دنيا کان گھڻو چڱي آھي وَلَسَوۡفَ يُعۡطِيكَ رَبُّكَ فَتَرۡضَىٰٓ ٥۽ تنھنجو پالڻھار سگھوئي توکي (ايترو) ڏيندو جو (تون) خوش ٿيندين أَلَمۡ يَجِدۡكَ يَتِيمًا فَـَٔاوَىٰ ٦توکي يتيم نه ڏٺائين ڇا پوءِ (توکي) جاءِ ڏنائين وَوَجَدَكَ ضَآلًّا فَهَدَىٰ ٧۽ توکي ناواقف ڏٺائين پوءِ (شريعت جي) رستي لاتائين وَوَجَدَكَ عَآئِلًا فَأَغۡنَىٰ ٨۽ توکي مسڪين ڏٺائين پوءِ آسودو ڪيائين فَأَمَّا ٱلۡيَتِيمَ فَلَا تَقۡهَرۡ ٩تنھنڪري يتيم تي تون ڏاڍ نه ڪر وَأَمَّا ٱلسَّآئِلَ فَلَا تَنۡهَرۡ ١٠۽ سُوالي کي نه جھڻڪ وَأَمَّا بِنِعۡمَةِ رَبِّكَ فَحَدِّثۡ ١١۽ پنھنجي پالڻھار جي نعمت جو بيان ڪندو رھ