Millat al-Islam

Chapter 92 · 21 verses · Taj Mehmood Amroti

Surah Al-Lail in Sindhi

Arabic with tafsir Listen to Surah Al-Lail (1283 reciters)
Meccanسورة الليل21 verses

بِسۡمِ ٱللَّهِ ٱلرَّحۡمَٰنِ ٱلرَّحِيمِ

وَٱلَّيۡلِ إِذَا يَغۡشَىٰ ١رات جو قسم آھي جڏھن ڍَڪي ٿي وَٱلنَّهَارِ إِذَا تَجَلَّىٰ ٢۽ ڏينھن جو (قسم آھي) جڏھن روشن ٿئي ٿو وَمَا خَلَقَ ٱلذَّكَرَ وَٱلۡأُنثَىٰٓ ٣۽ اُن جو (قسم آھي) جنھن نر ۽ مادي خلقي إِنَّ سَعۡيَكُمۡ لَشَتَّىٰ ٤ته بيشڪ اوھان جي ڪوشش قسمين قسمين آھي فَأَمَّا مَنۡ أَعۡطَىٰ وَٱتَّقَىٰ ٥پوءِ جنھن (الله لڳ) ڏنو ۽ پرھيزگاري ڪئي وَصَدَّقَ بِٱلۡحُسۡنَىٰ ٦۽ چڱائي کي سچ ڄاتائين فَسَنُيَسِّرُهُۥ لِلۡيُسۡرَىٰ ٧تنھنکي (نجات جو) آسان رستو سھنجو ڪري ڏينداسين وَأَمَّا مَنۢ بَخِلَ وَٱسۡتَغۡنَىٰ ٨۽ جنھن بخل ڪيو ۽ (پاڻ کي) بي پرواھ ڄاتائين وَكَذَّبَ بِٱلۡحُسۡنَىٰ ٩۽ چڱائي کي ڪوڙ ڀانيائين فَسَنُيَسِّرُهُۥ لِلۡعُسۡرَىٰ ١٠تنھن کي اوکائيءَ (۾ پوڻ) لاءِ (رستو) آسان ڪري ڏينداسين وَمَا يُغۡنِي عَنۡهُ مَالُهُۥٓ إِذَا تَرَدَّىٰٓ ١١۽ جڏھن اونڌو ڪرندو ته سندس مال کانئس (ڪجھ) نه ٽاريندو إِنَّ عَلَيۡنَا لَلۡهُدَىٰ ١٢بيشڪ سڌو رستو ڏيکارڻ اسان تي (لازم) آھي وَإِنَّ لَنَا لَلۡأٓخِرَةَ وَٱلۡأُولَىٰ ١٣۽ بيشڪ آخرت ۽ دُنيا (ٻئي) اسان جي وس ۾ آھن فَأَنذَرۡتُكُمۡ نَارًا تَلَظَّىٰ ١٤پوءِ اوھان کي باھ کان ڊيڄاريم جا ڄڀي ڪري ٿي لَا يَصۡلَىٰهَآ إِلَّا ٱلۡأَشۡقَى ١٥(اھڙي) وڏي نڀاڳي کانسواءِ (ٻيو) ڪو اُن ۾ ڪونه گھڙندو ٱلَّذِي كَذَّبَ وَتَوَلَّىٰ ١٦جنھن (اسلام کي) ڪوڙ ڄاتو ۽ پٺيرو ٿيو وَسَيُجَنَّبُهَا ٱلۡأَتۡقَى ١٧۽ اُن (باھ) کان انھي وڏي پرھيزگار کي پاسي ڪبو ٱلَّذِي يُؤۡتِي مَالَهُۥ يَتَزَكَّىٰ ١٨جيڪو پنھنجو مال (الله جي واٽ ۾) ڏئي ٿو ته پاڪ ٿئي وَمَا لِأَحَدٍ عِندَهُۥ مِن نِّعۡمَةٍ تُجۡزَىٰٓ ١٩۽ مٿس اھڙي ڪنھن جو ڪو احسان ٿيل نه آھي جو بدلو ڏجي إِلَّا ٱبۡتِغَآءَ وَجۡهِ رَبِّهِ ٱلۡأَعۡلَىٰ ٢٠پر پنھنجي تمام مٿاھين پالڻھار جي رضامندي طلبڻ لاءِ (ڏئي ٿو) وَلَسَوۡفَ يَرۡضَىٰ ٢١۽ ضرور جلد خوش ٿيندو

Translation: Taj Mehmood Amroti.