Millat al-Islam

Chapter 90 · 20 verses · Taj Mehmood Amroti

Surah Al-Balad in Sindhi

Arabic with tafsir Listen to Surah Al-Balad (1312 reciters)
Meccanسورة البلد20 verses

بِسۡمِ ٱللَّهِ ٱلرَّحۡمَٰنِ ٱلرَّحِيمِ

لَآ أُقۡسِمُ بِهَٰذَا ٱلۡبَلَدِ ١ھن شھر (مڪي) جو قسم کڻان ٿو وَأَنتَ حِلُّۢ بِهَٰذَا ٱلۡبَلَدِ ٢۽ تون ھن شھر ۾ (ته) رھندڙ آھين وَوَالِدٍ وَمَا وَلَدَ ٣۽ ڄڻيندڙ جو (قسم کڻان ٿو) ۽ ان جو جيڪو ڄايو لَقَدۡ خَلَقۡنَا ٱلۡإِنسَٰنَ فِي كَبَدٍ ٤ته بيشڪ ماڻھو کي ڏک ۾ (پوڻ لاءِ) خلقيوسون أَيَحۡسَبُ أَن لَّن يَقۡدِرَ عَلَيۡهِ أَحَدٌ ٥(ماڻھو) ڀانئيندو آھي ڇا ته مٿس ڪوبه غالب نه ٿيندو؟ يَقُولُ أَهۡلَكۡتُ مَالًا لُّبَدًا ٦چوي ٿو ته مون تمام گھڻو مال کپايو أَيَحۡسَبُ أَن لَّمۡ يَرَهُۥٓ أَحَدٌ ٧ڀانئيندو آھي ڇا ته ڪنھن ڪونه ڏٺو اٿس؟ أَلَمۡ نَجۡعَل لَّهُۥ عَيۡنَيۡنِ ٨کيس ٻه اکيون نه ڏنيون اٿون ڇا؟ وَلِسَانًا وَشَفَتَيۡنِ ٩۽ ڄڀ ۽ ٻه چَپ به؟ وَهَدَيۡنَٰهُ ٱلنَّجۡدَيۡنِ ١٠۽ ٻه رستا ڏيکارياسونس فَلَا ٱقۡتَحَمَ ٱلۡعَقَبَةَ ١١پوءِ ڪوبه سخت لَڪ نه لنگھيو وَمَآ أَدۡرَىٰكَ مَا ٱلۡعَقَبَةُ ١٢۽ ڪنھن سمجھايئي ته سخت لَڪّ ڇا آھي؟ فَكُّ رَقَبَةٍ ١٣ٻانھو آجو ڪرڻ آھي أَوۡ إِطۡعَٰمٌ فِي يَوۡمٍ ذِي مَسۡغَبَةٍ ١٤يا بُک جي ڏينھن ۾ کاڄ کارائڻ يَتِيمًا ذَا مَقۡرَبَةٍ ١٥مائٽي واري ڇوري ٻار کي أَوۡ مِسۡكِينًا ذَا مَتۡرَبَةٍ ١٦يا مٽيءَ ۾ رُلندڙ محتاج کي ثُمَّ كَانَ مِنَ ٱلَّذِينَ ءَامَنُواْ وَتَوَاصَوۡاْ بِٱلصَّبۡرِ وَتَوَاصَوۡاْ بِٱلۡمَرۡحَمَةِ ١٧ان کانپوءِ (اُھو) مؤمنن مان ھجي ۽ ھڪ ٻئي کي صبر جي وصيت ڪيائون ۽ (پڻ) ھڪ ٻئي کي (خلق تي) ٻاجھ ڪرڻ جي وصيت ڪيائون أُوْلَٰٓئِكَ أَصۡحَٰبُ ٱلۡمَيۡمَنَةِ ١٨اُھي نيڪ بخت سڄي پاسي وارا آھن وَٱلَّذِينَ كَفَرُواْ بِـَٔايَٰتِنَا هُمۡ أَصۡحَٰبُ ٱلۡمَشۡـَٔمَةِ ١٩۽ جن اسان جي آيتن جو انڪار ڪيو سي بدبخت کٻي وارا آھن عَلَيۡهِمۡ نَارٌ مُّؤۡصَدَةُۢ ٢٠مٿن دميل باھ چوڌاري ويڙھيل (موڪلبي) آھي

Translation: Taj Mehmood Amroti.