بِسۡمِ ٱللَّهِ ٱلرَّحۡمَٰنِ ٱلرَّحِيمِ
وَٱلۡفَجۡرِ ١پرھ جو قسم آھي وَلَيَالٍ عَشۡرٍ ٢۽ ڏھن راتين جو قسم آھي وَٱلشَّفۡعِ وَٱلۡوَتۡرِ ٣۽ ٻڌيءَ ۽ اِڪئيءَ جو قسم آھي وَٱلَّيۡلِ إِذَا يَسۡرِ ٤۽ رات جو قسم آھي جڏھن ھلي هَلۡ فِي ذَٰلِكَ قَسَمٌ لِّذِي حِجۡرٍ ٥ھان ڌيان واري لاءِ ھن (قسمن) ۾ بيشڪ پورو قسم آھي أَلَمۡ تَرَ كَيۡفَ فَعَلَ رَبُّكَ بِعَادٍ ٦نه ڏٺئي ڇا ته (قوم) عاد سان تنھنجي پالڻھار ڪيئن ڪيو إِرَمَ ذَاتِ ٱلۡعِمَادِ ٧(جي) ارم وارا وڏن ٿنڀن (جي عمارتن) وارا ھوا ٱلَّتِي لَمۡ يُخۡلَقۡ مِثۡلُهَا فِي ٱلۡبِلَٰدِ ٨جن جھڙو شھرن ۾ ڪونه بڻايو ويو آھي وَثَمُودَ ٱلَّذِينَ جَابُواْ ٱلصَّخۡرَ بِٱلۡوَادِ ٩۽ (قوم) ثمُود سان (ڪيئن ڪيائين) جن ميدان (قرٰا) ۾ پھڻن جون ڇپون گھڙيون ھيون وَفِرۡعَوۡنَ ذِي ٱلۡأَوۡتَادِ ١٠۽ ميخن واري فرعون سان (ڪئن ڪيائين) ٱلَّذِينَ طَغَوۡاْ فِي ٱلۡبِلَٰدِ ١١انھن (مڙني ٽولين) جن شھرن ۾ سرڪشي ڪئي فَأَكۡثَرُواْ فِيهَا ٱلۡفَسَادَ ١٢پوءِ منجھن گھڻو فساد ڪيائون فَصَبَّ عَلَيۡهِمۡ رَبُّكَ سَوۡطَ عَذَابٍ ١٣تنھنڪري تنھنجي پالڻھار مٿن عذاب جو چھبڪ وھايو إِنَّ رَبَّكَ لَبِٱلۡمِرۡصَادِ ١٤بيشڪ تنھنجو پالڻھار گھَٽَ (واري ھنڌ) ۾ (عملن کي ڏسندڙ) آھي فَأَمَّا ٱلۡإِنسَٰنُ إِذَا مَا ٱبۡتَلَىٰهُ رَبُّهُۥ فَأَكۡرَمَهُۥ وَنَعَّمَهُۥ فَيَقُولُ رَبِّيٓ أَكۡرَمَنِ ١٥پوءِ ماڻھو کي جڏھن سندس پالڻھار (ھن طرح) پرکيندو آھي جو اُن کي مانوارو ڪندو آھي ۽ نعمت ڏيندو اٿس، ته چوندو آھي ته منھنجي پالڻھار مون کي نوازيو وَأَمَّآ إِذَا مَا ٱبۡتَلَىٰهُ فَقَدَرَ عَلَيۡهِ رِزۡقَهُۥ فَيَقُولُ رَبِّيٓ أَهَٰنَنِ ١٦۽ جڏھن کيس (ٻئي طرح ھيئن) پرکيندو آھي جو مٿس روزي تنگ ڪندو آھي ته چوندو آھي ته منھنجي پالڻھار مون کي بي مانو ڪيو كـَلَّاۖ بَل لَّا تُكۡرِمُونَ ٱلۡيَتِيمَ ١٧(ھرگز) ائين نه آھي بلڪ ڇوري ٻار کي تعظيم نه ڏيندا آھيو وَلَا تَحَٰٓضُّونَ عَلَىٰ طَعَامِ ٱلۡمِسۡكِينِ ١٨۽ نڪي مسڪينن جي کارائڻ تي ھڪ ٻئي کي رغبت ڏياريندا آھيو وَتَأۡكُلُونَ ٱلتُّرَاثَ أَكۡلًا لَّمًّا ١٩۽ مُئن جو مال سموروئي ڳھي ويندا آھيو وَتُحِبُّونَ ٱلۡمَالَ حُبًّا جَمًّا ٢٠۽ گھڻي پيار سان مال کي پيارو رکندا آھيو كـَلَّآۖ إِذَا دُكَّتِ ٱلۡأَرۡضُ دَكًّا دَكًّا ٢١ائين نه ڪجي جڏھن زمين (جي اونچاڻ) ڪٽي ڪٽي سنئين ڪئي ويندي وَجَآءَ رَبُّكَ وَٱلۡمَلَكُ صَفًّا صَفًّا ٢٢۽ تنھنجو پالڻھار ايندو ۽ ملائڪ صِف صِف ٿي (ايندا) وَجِاْيٓءَ يَوۡمَئِذِۭ بِجَهَنَّمَۚ يَوۡمَئِذٍ يَتَذَكَّرُ ٱلۡإِنسَٰنُ وَأَنَّىٰ لَهُ ٱلذِّكۡرَىٰ ٢٣۽ اُن ڏينھن دوزخ کي آڻبو، اُن ڏينھن ماڻھو نصيحت وٺندو ۽ اُنھيءَ مھل (اھا نصيحت وٺڻ) اُن کي ڪٿي فائدي واري آھي يَقُولُ يَٰلَيۡتَنِي قَدَّمۡتُ لِحَيَاتِي ٢٤چوندو ته ھاءِ ارمان جيڪر پنھنجي (ھن ھميشه جي) حياتيءَ لاءَ (ڪجھ) اڳي موڪليان ھا فَيَوۡمَئِذٍ لَّا يُعَذِّبُ عَذَابَهُۥٓ أَحَدٌ ٢٥پوءِ انھيءَ ڏينھن الله جي عذاب جھڙو ڪوبه ڪونه عذاب ڪندو وَلَا يُوثِقُ وَثَاقَهُۥٓ أَحَدٌ ٢٦۽ نڪو ڪو الله جي قيد ڪرڻ جھڙو قيد ڪندو يَٰٓأَيَّتُهَا ٱلنَّفۡسُ ٱلۡمُطۡمَئِنَّةُ ٢٧(مؤمنن کي چئبو ته) اي آرام وٺڻ وارا جيءُ ٱرۡجِعِيٓ إِلَىٰ رَبِّكِ رَاضِيَةً مَّرۡضِيَّةً ٢٨تون پنھنجي پالڻھار ڏانھن موٽِ ھل (تون اُن کان) راضي ٿيل آھين (ھو توکان) راضي ٿيل آھي فَٱدۡخُلِي فِي عِبَٰدِي ٢٩تنھنڪري (تون) منھنجي ٻانھن (جي ٽوليءَ) ۾ داخل ٿيءُ وَٱدۡخُلِي جَنَّتِي ٣٠۽ منھنجي بھشت ۾ گِھڙ