Millat al-Islam

Chapter 84 · 25 verses · Taj Mehmood Amroti

Surah Al-Inshiqaq in Sindhi

Arabic with tafsir Listen to Surah Al-Inshiqaq (1262 reciters)

بِسۡمِ ٱللَّهِ ٱلرَّحۡمَٰنِ ٱلرَّحِيمِ

إِذَا ٱلسَّمَآءُ ٱنشَقَّتۡ ١جڏھن آسمان ڦاٽندو وَأَذِنَتۡ لِرَبِّهَا وَحُقَّتۡ ٢۽ پنھنجي پالڻھار جو حُڪم ڪن ڏئي ٻڌندو ۽ (ٻڌڻ) حق اٿس وَإِذَا ٱلۡأَرۡضُ مُدَّتۡ ٣۽ جڏھن زمين پکيڙبي وَأَلۡقَتۡ مَا فِيهَا وَتَخَلَّتۡ ٤۽ جيڪي اُن ۾ ھوندو سو (سڀ) ڪڍي اُڇليندي ۽ خالي ٿيندي وَأَذِنَتۡ لِرَبِّهَا وَحُقَّتۡ ٥۽ پنھنجي پالڻھار جو حُڪم ڪن ڏئي ٻڌندي ۽ (ٻڌڻ) حق اٿس يَٰٓأَيُّهَا ٱلۡإِنسَٰنُ إِنَّكَ كَادِحٌ إِلَىٰ رَبِّكَ كَدۡحًا فَمُلَٰقِيهِ ٦اي ماڻھو تون پنھنجي پالڻھار ڏانھن (پھچڻ ۾) تمام گھڻي تڪليف وٺڻ وارو آھين جو اُن کي (وڃي) ملندين فَأَمَّا مَنۡ أُوتِيَ كِتَٰبَهُۥ بِيَمِينِهِۦ ٧پوءِ اُھو (ماڻھو) جنھن کي سندس سڄي ھٿ ۾ سندس اعمالنامو ڏبو فَسَوۡفَ يُحَاسَبُ حِسَابًا يَسِيرًا ٨تنھن سان آسانيءَ طرح سگھوئي حساب ڪبو وَيَنقَلِبُ إِلَىٰٓ أَهۡلِهِۦ مَسۡرُورًا ٩۽ پنھنجن گھر وارن ڏانھن خوش ٿي موٽندو وَأَمَّا مَنۡ أُوتِيَ كِتَٰبَهُۥ وَرَآءَ ظَهۡرِهِۦ ١٠۽ اُھو ماڻھو جنھن کي سندس اعمالنامو سندس پٺي پويان ڏبو فَسَوۡفَ يَدۡعُواْ ثُبُورًا ١١سو سگھوئي موت کي سڏيندو وَيَصۡلَىٰ سَعِيرًا ١٢۽ دوزخ ۾ گھڙندو إِنَّهُۥ كَانَ فِيٓ أَهۡلِهِۦ مَسۡرُورًا ١٣ڇوته اُھو (دنيا ۾) پنھنجن گھر وارن ۾ خوش (حال) ھو إِنَّهُۥ ظَنَّ أَن لَّن يَحُورَ ١٤بيشڪ انھيءَ ڀانيو ھو ته (الله ڏانھن) ڪڏھن نه موٽندو بَلَىٰٓۚ إِنَّ رَبَّهُۥ كَانَ بِهِۦ بَصِيرًا ١٥ھائو! (موٽندو) ڇوته سندس پالڻھار اُن کي ڏسندڙ آھي فَلَآ أُقۡسِمُ بِٱلشَّفَقِ ١٦پوءِ شفق جو قسم کڻان ٿو وَٱلَّيۡلِ وَمَا وَسَقَ ١٧۽ رات جو (قسم) ۽ جنھن کي گڏ ڪيو اٿس وَٱلۡقَمَرِ إِذَا ٱتَّسَقَ ١٨۽ چنڊ جو (قسم) جڏھن پورو روشن ٿئي لَتَرۡكَبُنَّ طَبَقًا عَن طَبَقٍ ١٩ته ھڪ حال کان ٻئي حال تي ضرور چڙھندؤ فَمَا لَهُمۡ لَا يُؤۡمِنُونَ ٢٠پوءِ ھنن (ڪافرن) کي ڇا (ٿيو) آھي جو ايمان نه آڻيندا آھن وَإِذَا قُرِئَ عَلَيۡهِمُ ٱلۡقُرۡءَانُ لَا يَسۡجُدُونَۤ ۩ ٢١۽ جڏھن وٽن قرآن پڙھبو آھي (ته) سجدو نه ڪندا آھن بَلِ ٱلَّذِينَ كَفَرُواْ يُكَذِّبُونَ ٢٢بلڪ (اھي) ڪافر ڪوڙ ڀانئيندا آھن وَٱللَّهُ أَعۡلَمُ بِمَا يُوعُونَ ٢٣۽ جيڪي (پنھنجين دلين ۾) سانڀيندا آھن سو الله چڱي طرح ڄاڻندڙ آھي فَبَشِّرۡهُم بِعَذَابٍ أَلِيمٍ ٢٤پوءِ کين ڏکوئيندڙ عذاب جي خبر ڏي إِلَّا ٱلَّذِينَ ءَامَنُواْ وَعَمِلُواْ ٱلصَّٰلِحَٰتِ لَهُمۡ أَجۡرٌ غَيۡرُ مَمۡنُونِۭ ٢٥پر جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ اَڻ کُٽ اَجر آھي

Translation: Taj Mehmood Amroti.