بِسۡمِ ٱللَّهِ ٱلرَّحۡمَٰنِ ٱلرَّحِيمِ
وَيۡلٌ لِّلۡمُطَفِّفِينَ ١(تور ۽ ماپ ۾) انھن گھٽ ڪري ڏيندڙن لاءِ ويل آھي ٱلَّذِينَ إِذَا ٱكۡتَالُواْ عَلَى ٱلنَّاسِ يَسۡتَوۡفُونَ ٢جي جڏھن (پاڻ لاءِ) ماڻھن کان مَئي وٺندا آھن ته بلڪل پورو ڪري وٺندا آھن وَإِذَا كَالُوهُمۡ أَو وَّزَنُوهُمۡ يُخۡسِرُونَ ٣۽ جڏھن اُنھن کي مَئي ڏيندا آھن يا کين توري ڏيندا آھن (ته) گھٽائي ڏيندا آھن أَلَا يَظُنُّ أُوْلَٰٓئِكَ أَنَّهُم مَّبۡعُوثُونَ ٤اھي گمان نه ٿا ڪن ڇا ته کين (ضرور) اُٿاربو لِيَوۡمٍ عَظِيمٍ ٥اُنھيءَ وڏي ڏينھن لاءِ يَوۡمَ يَقُومُ ٱلنَّاسُ لِرَبِّ ٱلۡعَٰلَمِينَ ٦جنھن ڏينھن ماڻھو جھانن جي پالڻھار اڳيان ٿي بيھندا كـَلَّآ إِنَّ كِتَٰبَ ٱلۡفُجَّارِ لَفِي سِجِّينٍ ٧سچ آھي ته بيشڪ بدڪارن جو اعمالنامو سجين ۾ آھي وَمَآ أَدۡرَىٰكَ مَا سِجِّينٌ ٨۽ ڪنھن سمجھايئي ته سجين ڇا آھي؟ كِتَٰبٌ مَّرۡقُومٌ ٩ھڪ لکيل دفتر آھي وَيۡلٌ يَوۡمَئِذٍ لِّلۡمُكَذِّبِينَ ١٠اُن ڏينھن (انھن) ڪوڙ ڀانئيندڙن لاءِ ويل آھي ٱلَّذِينَ يُكَذِّبُونَ بِيَوۡمِ ٱلدِّينِ ١١جيڪي عملن جي بدلي جي ڏينھن کي ڪوڙ ڀانئيندا آھن وَمَا يُكَذِّبُ بِهِۦٓ إِلَّا كُلُّ مُعۡتَدٍ أَثِيمٍ ١٢۽ اُن کي سڀڪنھن حد کان لنگھندڙ گنھگار کانسواءِ (ٻيو) ڪو ڪوڙ نه ڀانئيندو إِذَا تُتۡلَىٰ عَلَيۡهِ ءَايَٰتُنَا قَالَ أَسَٰطِيرُ ٱلۡأَوَّلِينَ ١٣جڏھن اسان جون آيتون کيس پڙھي ٻڌائبيون آھن ته چوندو آھي ته (اھي) اڳين جون آکاڻيون آھن كـَلَّاۖ بَلۡۜ رَانَ عَلَىٰ قُلُوبِهِم مَّا كَانُواْ يَكۡسِبُونَ ١٤ائين بلڪل نه آھي! بلڪ، جيڪي ڪمائيندا ھوا تنھن جي ڪَٽ سندين دلين تي ڄمي ويئي آھي كـَلَّآ إِنَّهُمۡ عَن رَّبِّهِمۡ يَوۡمَئِذٍ لَّمَحۡجُوبُونَ ١٥ائين نه آھي پنھنجي پالڻھار (جي سامھون اچڻ) کان انھي ڏينھن روڪيل ھوندا ثُمَّ إِنَّهُمۡ لَصَالُواْ ٱلۡجَحِيمِ ١٦وري بيشڪ اُھي دوزخ ۾ گھڙڻ وارا ھوندا ثُمَّ يُقَالُ هَٰذَا ٱلَّذِي كُنتُم بِهِۦ تُكَذِّبُونَ ١٧وري چئبن ته ھي اُھو دوزخ آھي جنھن کي اوھين ڪوڙ ڀانئيندا ھُيؤ كـَلَّآ إِنَّ كِتَٰبَ ٱلۡأَبۡرَارِ لَفِي عِلِّيِّينَ ١٨سچ آھي بيشڪ ڀلارن جو اعمالنامو عِلّيِّيۡن ۾ آھي وَمَآ أَدۡرَىٰكَ مَا عِلِّيُّونَ ١٩۽ ڪنھن سمجھايئي ته عِلِّيّين ڇا آھي؟ كِتَٰبٌ مَّرۡقُومٌ ٢٠ھڪ لکيل دفتر آھي يَشۡهَدُهُ ٱلۡمُقَرَّبُونَ ٢١اُن وٽ (الله جا) مقرب حاضر رھندا آھن إِنَّ ٱلۡأَبۡرَارَ لَفِي نَعِيمٍ ٢٢بيشڪ ڀلارا (بھشت) جي نعمتن ۾ ھوندا عَلَى ٱلۡأَرَآئِكِ يَنظُرُونَ ٢٣تختن تي ويھي نظارو پيا ڪندا تَعۡرِفُ فِي وُجُوهِهِمۡ نَضۡرَةَ ٱلنَّعِيمِ ٢٤(سڀني پاسن کان) سندن منھن مان ئي نعمت جي تازگي پيو معلوم ڪندين يُسۡقَوۡنَ مِن رَّحِيقٍ مَّخۡتُومٍ ٢٥مھر لڳل صاف شراب مان پيو پياربن خِتَٰمُهُۥ مِسۡكٌۚ وَفِي ذَٰلِكَ فَلۡيَتَنَافَسِ ٱلۡمُتَنَٰفِسُونَ ٢٦جنھن جي مُھر مشڪ (جي) ھوندي، ۽ شوقينن کي جڳائي ته اُنھيءَ ۾ شوق رکن وَمِزَاجُهُۥ مِن تَسۡنِيمٍ ٢٧اُن جي ملاوت تَسۡنِيم (جي پاڻيءَ) مان ھوندي عَيۡنًا يَشۡرَبُ بِهَا ٱلۡمُقَرَّبُونَ ٢٨جو ھڪ چشمو آھي جنھن مان الله جا ويجھا (ٻانھا) پيئندا إِنَّ ٱلَّذِينَ أَجۡرَمُواْ كَانُواْ مِنَ ٱلَّذِينَ ءَامَنُواْ يَضۡحَكُونَ ٢٩بيشڪ ڏوھاري (دنيا ۾) مؤمنن تي کلندا ھوا وَإِذَا مَرُّواْ بِهِمۡ يَتَغَامَزُونَ ٣٠۽ جڏھن وٽائن لنگھندا ھوا ته مؤمنن تي حقارت ڪري پاڻ ۾ ميڇون ڏيندا ھوا وَإِذَا ٱنقَلَبُوٓاْ إِلَىٰٓ أَهۡلِهِمُ ٱنقَلَبُواْ فَكِهِينَ ٣١۽ جڏھن پنھنجن گھر وارن ڏانھن موٽندا ھوا (ته) ڏاڍيون خوشيون ڪندا موٽندا ھوا وَإِذَا رَأَوۡهُمۡ قَالُوٓاْ إِنَّ هَٰٓؤُلَآءِ لَضَآلُّونَ ٣٢۽ جڏھن مؤمنن کي ڏسندا ھوا ته چوندا ھوا ته بيشڪ اُھي گمراھ آھن وَمَآ أُرۡسِلُواْ عَلَيۡهِمۡ حَٰفِظِينَ ٣٣۽ (حقيقت ڪري) اُھي مؤمنن تي نگھبان ڪري نه موڪليا ويا ھوا فَٱلۡيَوۡمَ ٱلَّذِينَ ءَامَنُواْ مِنَ ٱلۡكُفَّارِ يَضۡحَكُونَ ٣٤تنھنڪري اڄ مؤمن ڪافرن تي کِلن ٿا عَلَى ٱلۡأَرَآئِكِ يَنظُرُونَ ٣٥تختن تي (ويھي) نظارو ڪن ٿا هَلۡ ثُوِّبَ ٱلۡكُفَّارُ مَا كَانُواْ يَفۡعَلُونَ ٣٦(۽ چون ٿا) ته ڪافرن کي انھيءَ جو بدلو ڏنو ويو آھي ڇا جيڪي اُھي ڪندا ھوا