بِسۡمِ ٱللَّهِ ٱلرَّحۡمَٰنِ ٱلرَّحِيمِ
وَٱلۡمُرۡسَلَٰتِ عُرۡفًا ١چڱين گُھلندڙن ھيرُن جو قسم آھي فَٱلۡعَٰصِفَٰتِ عَصۡفًا ٢پوءِ زور سان لڳڻ وارن وائن جو قسم آھي وَٱلنَّٰشِرَٰتِ نَشۡرًا ٣۽ (ڪڪرن کي) کڻندڙن پکيڙيندڙن وائن جو قسم آھي فَٱلۡفَٰرِقَٰتِ فَرۡقًا ٤پوءِ (ڪڪرن کي) ھڪ ٻئي کان جدا ڪندڙ وائن جو قسم آھي فَٱلۡمُلۡقِيَٰتِ ذِكۡرًا ٥پوءِ وحي آڻيندڙن ملائڪن جو قسم آھي عُذۡرًا أَوۡ نُذۡرًا ٦(جي) عذر وڃائڻ لاءِ يا ڊيڄارڻ لاءِ (وحي) آڻيندا آھن إِنَّمَا تُوعَدُونَ لَوَٰقِعٌ ٧ته بيشڪ جنھن (ڳالھ) جو اوھان کي انجام ڏجي ٿو سا ضرور ٿيڻي آھي فَإِذَا ٱلنُّجُومُ طُمِسَتۡ ٨پوءِ جڏھن تارا ميٽي ڇڏبا وَإِذَا ٱلسَّمَآءُ فُرِجَتۡ ٩۽ جڏھن آسمان چيربو وَإِذَا ٱلۡجِبَالُ نُسِفَتۡ ١٠۽ جڏھن جبل اڏائبا وَإِذَا ٱلرُّسُلُ أُقِّتَتۡ ١١۽ جڏھن پيغمبر (ٺھرايل وقت تي) گڏ ڪبا لِأَيِّ يَوۡمٍ أُجِّلَتۡ ١٢(تڏھن ثابت ٿيندو ته پيغمبرن کي) ڪھڙي ڏينھن لاءِ ترسايو ويو لِيَوۡمِ ٱلۡفَصۡلِ ١٣فيصلي جي ڏينھن لاءِ وَمَآ أَدۡرَىٰكَ مَا يَوۡمُ ٱلۡفَصۡلِ ١٤۽ توکي ڪھڙي شيءَ ڄاڻايو ته فيصلو جو ڏينھن ڇا آھي وَيۡلٌ يَوۡمَئِذٍ لِّلۡمُكَذِّبِينَ ١٥اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي أَلَمۡ نُهۡلِكِ ٱلۡأَوَّلِينَ ١٦پھرين کي ھلاڪ نه ڪيو اٿون ڇا؟ ثُمَّ نُتۡبِعُهُمُ ٱلۡأٓخِرِينَ ١٧وري (اُن کانپوءِ) پوين کي انھن جي پٺيان آڻيندا آھيون كَذَٰلِكَ نَفۡعَلُ بِٱلۡمُجۡرِمِينَ ١٨ائين ڏوھارين سان ڪندا آھيون وَيۡلٌ يَوۡمَئِذٍ لِّلۡمُكَذِّبِينَ ١٩اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي أَلَمۡ نَخۡلُقكُّم مِّن مَّآءٍ مَّهِينٍ ٢٠اوھان کي خسيس پاڻي مان نه بڻايو اٿون ڇا؟ فَجَعَلۡنَٰهُ فِي قَرَارٍ مَّكِينٍ ٢١پوءِ اُن کي ھڪ پختي ھنڌ ۾ رکيوسون إِلَىٰ قَدَرٍ مَّعۡلُومٍ ٢٢ھڪ مُقرّر وقت تائين فَقَدَرۡنَا فَنِعۡمَ ٱلۡقَٰدِرُونَ ٢٣پوءِ (بڻاوت ۾) پورو ڪيوسون جو (اسين) چڱي سگھ وارا آھيون وَيۡلٌ يَوۡمَئِذٍ لِّلۡمُكَذِّبِينَ ٢٤اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي أَلَمۡ نَجۡعَلِ ٱلۡأَرۡضَ كِفَاتًا ٢٥زمين کي ماپائڻ واري نه ڪئي اٿون ڇا؟ أَحۡيَآءً وَأَمۡوَٰتًا ٢٦(جو) جيئرن ۽ مُئن کي (ماپائي) وَجَعَلۡنَا فِيهَا رَوَٰسِيَ شَٰمِخَٰتٍ وَأَسۡقَيۡنَٰكُم مَّآءً فُرَاتًا ٢٧۽ زمين ۾ اُچا جبل ڪياسون ۽ اوھان کي مٺو پاڻي پياريوسون وَيۡلٌ يَوۡمَئِذٍ لِّلۡمُكَذِّبِينَ ٢٨اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي ٱنطَلِقُوٓاْ إِلَىٰ مَا كُنتُم بِهِۦ تُكَذِّبُونَ ٢٩(چيو ويندو ته ھاڻي) جنھن (دوزخ) کي اوھين ڪوڙ ڀائيندا ھوا تنھن ڏانھن وڃو ٱنطَلِقُوٓاْ إِلَىٰ ظِلٍّ ذِي ثَلَٰثِ شُعَبٍ ٣٠(چئبن ته) ٽن شاخن واريءَ ڇانوَ ڏانھن وڃو لَّا ظَلِيلٍ وَلَا يُغۡنِي مِنَ ٱللَّهَبِ ٣١نه ٿڌي ڇانوَ ھوندي ۽ نه (باھ جي) توَ کان توکي بچائيندي إِنَّهَا تَرۡمِي بِشَرَرٍ كَٱلۡقَصۡرِ ٣٢بيشڪ اُھا (باھ) ماڙيءَ جيڏيون چڻنگون اڇليندي آھي كَأَنَّهُۥ جِمَٰلَتٌ صُفۡرٌ ٣٣ڄڻ ته اُھي ھيڊا اُٺ آھن وَيۡلٌ يَوۡمَئِذٍ لِّلۡمُكَذِّبِينَ ٣٤اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي هَٰذَا يَوۡمُ لَا يَنطِقُونَ ٣٥اُھو ڏينھن اُھو آھي جنھن ۾ نه ڳالھائيندا وَلَا يُؤۡذَنُ لَهُمۡ فَيَعۡتَذِرُونَ ٣٦۽ نڪي کين موڪل ڏبي ته (ڪو) عذر (بيان) ڪن وَيۡلٌ يَوۡمَئِذٍ لِّلۡمُكَذِّبِينَ ٣٧اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي هَٰذَا يَوۡمُ ٱلۡفَصۡلِۖ جَمَعۡنَٰكُمۡ وَٱلۡأَوَّلِينَ ٣٨ھيءُ فيصلي جو ڏينھن آھي، اوھان کي ۽ اڳين کي گڏ ڪيوسون فَإِن كَانَ لَكُمۡ كَيۡدٌ فَكِيدُونِ ٣٩پوءِ جيڪڏھن اوھان کي بڇڙي رِٿ ڪرڻي آھي ته منھنجي حق ۾ رٿيو وَيۡلٌ يَوۡمَئِذٍ لِّلۡمُكَذِّبِينَ ٤٠اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي إِنَّ ٱلۡمُتَّقِينَ فِي ظِلَٰلٍ وَعُيُونٍ ٤١بيشڪ پرھيزگار ڇانوَن ۽ چشمن ۾ ھوندا وَفَوَٰكِهَ مِمَّا يَشۡتَهُونَ ٤٢۽ جنھن جنس مان گھرندا (تنھن جنس جي) ميون ۾ ھوندا كُلُواْ وَٱشۡرَبُواْ هَنِيٓـَٔۢا بِمَا كُنتُمۡ تَعۡمَلُونَ ٤٣(چئبن ته) چڱا ڪم ڪندا ھئو تنھنڪري خوش ٿي کائو ۽ پيئو إِنَّا كَذَٰلِكَ نَجۡزِي ٱلۡمُحۡسِنِينَ ٤٤بيشڪ اسين نيڪن کي ائين بدلو ڏيندا آھيون وَيۡلٌ يَوۡمَئِذٍ لِّلۡمُكَذِّبِينَ ٤٥اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي كُلُواْ وَتَمَتَّعُواْ قَلِيلًا إِنَّكُم مُّجۡرِمُونَ ٤٦(اي ڪوڙ ڀائيندڙؤ دنيا ۾) ٿوري دير کائي وٺو ۽ آسودا رھو بيشڪ اوھين ڏوھاري آھيو وَيۡلٌ يَوۡمَئِذٍ لِّلۡمُكَذِّبِينَ ٤٧اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي وَإِذَا قِيلَ لَهُمُ ٱرۡكَعُواْ لَا يَرۡكَعُونَ ٤٨۽ جڏھن کين چئجي ته نماز پڙھو (ته) نماز نه پڙھندا آھن وَيۡلٌ يَوۡمَئِذٍ لِّلۡمُكَذِّبِينَ ٤٩اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي فَبِأَيِّ حَدِيثِۭ بَعۡدَهُۥ يُؤۡمِنُونَ ٥٠پوءِ اُن (قرآن) کانپوءِ ڪھڙي ڳالھ تي ويساھ رکندا