Millat al-Islam

Chapter 78 · 40 verses · Taj Mehmood Amroti

Surah An-Naba in Sindhi

Arabic with tafsir Listen to Surah An-Naba (1413 reciters)
Meccanسورة النبأ40 verses

بِسۡمِ ٱللَّهِ ٱلرَّحۡمَٰنِ ٱلرَّحِيمِ

عَمَّ يَتَسَآءَلُونَ ١ڪھڙيءَ ڳالھ بابت ھڪ ٻئي کان پڇن ٿا عَنِ ٱلنَّبَإِ ٱلۡعَظِيمِ ٢(ھائو!) ھڪڙي اھڙي وڏي واقعي بابت ٱلَّذِي هُمۡ فِيهِ مُخۡتَلِفُونَ ٣جنھن (جي ٿيڻ) ۾ اُھي (پاڻ ۾) مختلف آھن كـَلَّا سَيَعۡلَمُونَ ٤ائين (سندن خيالن وانگر) نه آھي سگھوئي ڄاڻندا ثُمَّ كـَلَّا سَيَعۡلَمُونَ ٥وري (به چئون ٿا) ته ائين نه آھي سگھوئي ڄاڻندا أَلَمۡ نَجۡعَلِ ٱلۡأَرۡضَ مِهَٰدًا ٦زمين کي وڇاڻو نه ڪيو اٿون ڇا؟ وَٱلۡجِبَالَ أَوۡتَادًا ٧۽ جبلن کي ميخون؟ وَخَلَقۡنَٰكُمۡ أَزۡوَٰجًا ٨۽ اوھان کي جوڙو جوڙو (نر ۽ مادي) بڻايوسون وَجَعَلۡنَا نَوۡمَكُمۡ سُبَاتًا ٩۽ اوھان جي ننڊ کي فرحت بڻايوسون وَجَعَلۡنَا ٱلَّيۡلَ لِبَاسًا ١٠۽ رات کي ڍَڪ ڪيوسون وَجَعَلۡنَا ٱلنَّهَارَ مَعَاشًا ١١۽ ڏينھن کي گذران (جو وقت) ڪيوسون وَبَنَيۡنَا فَوۡقَكُمۡ سَبۡعًا شِدَادًا ١٢۽ اوھان جي مٿون ست مُحڪم (آسمان) بڻاياسون وَجَعَلۡنَا سِرَاجًا وَهَّاجًا ١٣۽ ھڪ چمڪندڙ ڏيئو (سج) بڻايوسون وَأَنزَلۡنَا مِنَ ٱلۡمُعۡصِرَٰتِ مَآءً ثَجَّاجًا ١٤۽ ڪڪرن مان پلٽندڙ پاڻي وسايوسون لِّنُخۡرِجَ بِهِۦ حَبًّا وَنَبَاتًا ١٥ته اُن سان اَن ۽ سَلا ڄمايون وَجَنَّٰتٍ أَلۡفَافًا ١٦۽ گھاٽاباغ (به) إِنَّ يَوۡمَ ٱلۡفَصۡلِ كَانَ مِيقَٰتًا ١٧بيشڪ فيصلي جو ڏينھن ھڪ مقرر مھل آھي يَوۡمَ يُنفَخُ فِي ٱلصُّورِ فَتَأۡتُونَ أَفۡوَاجًا ١٨جنھن ڏينھن صُور ۾ ڦوڪبو ته اوھين ٽوليون ٽوليون ٿي ايندؤ وَفُتِحَتِ ٱلسَّمَآءُ فَكَانَتۡ أَبۡوَٰبًا ١٩۽ آسمان کولبو پوءِ دروازا ٿي پوندو وَسُيِّرَتِ ٱلۡجِبَالُ فَكَانَتۡ سَرَابًا ٢٠۽ جبل ھلائبا پوءِ رُڃ وانگر ٿيندا إِنَّ جَهَنَّمَ كَانَتۡ مِرۡصَادًا ٢١بيشڪ دوزخ انتظار ڪڍڻ وارو آھي لِّلطَّٰغِينَ مَـَٔابًا ٢٢جو ھٺيلن جو رھڻ جو ھنڌ آھي لَّٰبِثِينَ فِيهَآ أَحۡقَابًا ٢٣منجھس ڪيئي ڊگھيون مُدتون رھندا لَّا يَذُوقُونَ فِيهَا بَرۡدًا وَلَا شَرَابًا ٢٤اُن ۾ نڪا ٿڌائي ۽ نڪا پيڻ جي شيءِ چکندا إِلَّا حَمِيمًا وَغَسَّاقًا ٢٥تتي پاڻي ۽ روڳ کانسواءِ جَزَآءً وِفَاقًا ٢٦(اھو سندن) پورو پورو بدلو آھي إِنَّهُمۡ كَانُواْ لَا يَرۡجُونَ حِسَابًا ٢٧ڇوته اُھي حساب ڏيڻ جي اُميد نه رکندا ھوا وَكَذَّبُواْ بِـَٔايَٰتِنَا كِذَّابًا ٢٨۽ اسان جي حُڪمن کي بلڪل ڪوڙ ڀائيندا ھوا وَكُلَّ شَيۡءٍ أَحۡصَيۡنَٰهُ كِتَٰبًا ٢٩۽ سڀ شيءِ کي لکي ڳڻي ڇڏيو اٿون فَذُوقُواْ فَلَن نَّزِيدَكُمۡ إِلَّا عَذَابًا ٣٠پوءِ (چئبن ته مزو) چکو جو عذاب کانسواءِ اوھان تي (ٻيو) ڪي (به) نه وڌائينداسون إِنَّ لِلۡمُتَّقِينَ مَفَازًا ٣١بيشڪ پرھيزگارن لاءِ ڪاميابي آھي حَدَآئِقَ وَأَعۡنَٰبًا ٣٢جو باغ ۽ ڊاکون وَكَوَاعِبَ أَتۡرَابًا ٣٣۽ ھم عمر نوجوان زالون وَكَأۡسًا دِهَاقًا ٣٤۽ شراب جا ڇلڪندڙ پيالا (به) لَّا يَسۡمَعُونَ فِيهَا لَغۡوًا وَلَا كِذَّٰبًا ٣٥اتي نڪا اجائي بڪ ۽ نڪو ڪوڙ ٻڌندا جَزَآءً مِّن رَّبِّكَ عَطَآءً حِسَابًا ٣٦(اھو پورو) بدلو تنھنجي پالڻھار کان (انعام) عطا ڪيل حساب روءِ آھي رَّبِّ ٱلسَّمَٰوَٰتِ وَٱلۡأَرۡضِ وَمَا بَيۡنَهُمَا ٱلرَّحۡمَٰنِۖ لَا يَمۡلِكُونَ مِنۡهُ خِطَابًا ٣٧جو آسمانن ۽ زمين جو ۽ جيڪي ٻنھي جي وچ ۾ آھي تن جو پالڻھار ٻاجھارو آھي اُن (جي ھيبت) کان ڪوبه ورندي ڏئي نه سگھندو يَوۡمَ يَقُومُ ٱلرُّوحُ وَٱلۡمَلَٰٓئِكَةُ صَفًّاۖ لَّا يَتَكَلَّمُونَ إِلَّا مَنۡ أَذِنَ لَهُ ٱلرَّحۡمَٰنُ وَقَالَ صَوَابًا ٣٨جنھن ڏينھن روح ۽ (سڀئي) ملائڪ صفون ٻڌي بيھندا (تنھن ڏينھن) جنھن کي ٻاجھاري (الله) موڪل ڏني ھوندي ۽ پوري ڳالھ ڳالھائي ھوندائين تنھن کانسواءِ (ٻيو ڪي به) نه ڳالھائيندا ذَٰلِكَ ٱلۡيَوۡمُ ٱلۡحَقُّۖ فَمَن شَآءَ ٱتَّخَذَ إِلَىٰ رَبِّهِۦ مَـَٔابًا ٣٩اِھو ڏينھن سچ پچ (ٿيڻو) آھي، تنھنڪري جيڪو گھري سو پنھنجي پالڻھار ڏانھن (پنھنجي) رھڻ جو ھنڌ ٺاھي إِنَّآ أَنذَرۡنَٰكُمۡ عَذَابًا قَرِيبًا يَوۡمَ يَنظُرُ ٱلۡمَرۡءُ مَا قَدَّمَتۡ يَدَاهُ وَيَقُولُ ٱلۡكَافِرُ يَٰلَيۡتَنِي كُنتُ تُرَٰبَۢا ٤٠بيشڪ اسان اوھان کي ويجھي عذاب (اچڻ) کان ڊيڄاري چڪاسون، جنھن ڏينھن آدمي اُھو ڏسندو جيڪي سندس ٻنھي ھٿن اڳي ڪري موڪليو ۽ ڪافر چوندو ته ھاءِ ارمان جيڪر آءٌ مٽي ھجان ھا

Translation: Taj Mehmood Amroti.