Millat al-Islam

Chapter 79 · 46 verses · Taj Mehmood Amroti

Surah An-Naziat in Sindhi

Arabic with tafsir Listen to Surah An-Naziat (1339 reciters)

بِسۡمِ ٱللَّهِ ٱلرَّحۡمَٰنِ ٱلرَّحِيمِ

وَٱلنَّٰزِعَٰتِ غَرۡقًا ١اندر گھڙي ڇڪي آئيندڙن جو قسم آھي وَٱلنَّٰشِطَٰتِ نَشۡطًا ٢۽ کولي آسانيءَ سان ڳنڍ ڇوڙيندڙن جو قسم آھي وَٱلسَّٰبِحَٰتِ سَبۡحًا ٣۽ چڱي طرح سان ترندڙن جو قسم آھي فَٱلسَّٰبِقَٰتِ سَبۡقًا ٤پوءِ ڊوڙي اڳرائي ڪندڙن جو قسم آھي فَٱلۡمُدَبِّرَٰتِ أَمۡرًا ٥پوءِ (سڀ) ڪم جي رٿيندڙن ٽولين جو قسم آھي يَوۡمَ تَرۡجُفُ ٱلرَّاجِفَةُ ٦ته جنھن ڏينھن ڌٻڻ واري ڌٻندي تَتۡبَعُهَا ٱلرَّادِفَةُ ٧ان کي پٺيان لڳندڙ (ٻيو ڌوڏو) پٺيان لڳندو قُلُوبٌ يَوۡمَئِذٍ وَاجِفَةٌ ٨تنھن ڏينھن ڪيتريون ئي دليون ڏڪي وڃڻ واريون ھونديون أَبۡصَٰرُهَا خَٰشِعَةٌ ٩انھن جون اکيون (خواريءَ سبب) جھڪيون ٿينديون يَقُولُونَ أَءِنَّا لَمَرۡدُودُونَ فِي ٱلۡحَافِرَةِ ١٠چون ٿا ته اسين پوئين پيرين موٽائباسون ڇا؟ أَءِذَا كُنَّا عِظَٰمًا نَّخِرَةً ١١ھان جڏھن ڀُتا ھڏا ٿينداسون؟ قَالُواْ تِلۡكَ إِذًا كَرَّةٌ خَاسِرَةٌ ١٢چوندا آھن ته انھي مھل اھو ٻيھر موٽڻ (وڏو) نقصان وارو آھي فَإِنَّمَا هِيَ زَجۡرَةٌ وَٰحِدَةٌ ١٣پوءِ اھو (واقعو) ھڪڙي سخت ھڪل آھي فَإِذَا هُم بِٱلسَّاهِرَةِ ١٤پوءِ اتي جو اُتي ھڪ پڌري ميدان ۾ حاضر ٿيل ھوندا هَلۡ أَتَىٰكَ حَدِيثُ مُوسَىٰٓ ١٥(اي پيغمبر) تو وٽ مُوسىٰ جي خبر پُھتي آھي ڇا؟ إِذۡ نَادَىٰهُ رَبُّهُۥ بِٱلۡوَادِ ٱلۡمُقَدَّسِ طُوًى ١٦جڏھن سندس پالڻھار کيس پاڪ ميدان طُوىٰ ۾ سڏيو ٱذۡهَبۡ إِلَىٰ فِرۡعَوۡنَ إِنَّهُۥ طَغَىٰ ١٧ته فرعون ڏانھن وڃ ڇوته ھو حد کان لنگھيو آھي فَقُلۡ هَل لَّكَ إِلَىٰٓ أَن تَزَكَّىٰ ١٨پوءِ (ان کي) چؤ ته ھن ڏانھن خيال اٿئي ته تون سڌرجين؟ وَأَهۡدِيَكَ إِلَىٰ رَبِّكَ فَتَخۡشَىٰ ١٩۽ تنھنجي پالڻھار ڏانھن توکي (سڌو) رستو ڏيکاريان ته (تون اُن کان) ڊڄين فَأَرَىٰهُ ٱلۡأٓيَةَ ٱلۡكُبۡرَىٰ ٢٠پوءِ فرعون کي وڏي نشاني ڏيکاريائين فَكَذَّبَ وَعَصَىٰ ٢١پوءِ (فرعون موسى) کي ڪوڙو ڀانيو ۽ نافرماني ڪيائين ثُمَّ أَدۡبَرَ يَسۡعَىٰ ٢٢وري (اُتان) پٺيرو ٿي تکو ھلڻ لڳو فَحَشَرَ فَنَادَىٰ ٢٣پوءِ (پنھنجي قوم کي) گڏ ڪيائين پوءِ سڏيائين فَقَالَ أَنَا۠ رَبُّكُمُ ٱلۡأَعۡلَىٰ ٢٤پوءِ چيائين ته آءٌ اوھان جو تمام مٿاھون پالڻھار آھيان فَأَخَذَهُ ٱللَّهُ نَكَالَ ٱلۡأٓخِرَةِ وَٱلۡأُولَىٰٓ ٢٥پوءِ الله ان کي آخرت ۽ دُنيا جي عذاب ۾ پڪڙيو إِنَّ فِي ذَٰلِكَ لَعِبۡرَةً لِّمَن يَخۡشَىٰٓ ٢٦بيشڪ ھن (قصّي) ۾ انھي لاءِ نصيحت آھي جيڪو ڊڄي ءَأَنتُمۡ أَشَدُّ خَلۡقًا أَمِ ٱلسَّمَآءُۚ بَنَىٰهَا ٢٧ڀلا بڻاوت ۾ اوھين ڏکيا آھيو يا آسمان جنھن کي الله بڻايو؟ رَفَعَ سَمۡكَهَا فَسَوَّىٰهَا ٢٨اُن جي مٿاھين بلند ڪيائين پوءِ اُن کي برابر بيھاريائين وَأَغۡطَشَ لَيۡلَهَا وَأَخۡرَجَ ضُحَىٰهَا ٢٩۽ اُن جي رات کي اوندھ ڪيائين ۽ اُن جو سوجھرو (ڏينھن جو) پڌرو ڪيائين وَٱلۡأَرۡضَ بَعۡدَ ذَٰلِكَ دَحَىٰهَآ ٣٠۽ اُن کان پوءِ زمين کي وڇايائين أَخۡرَجَ مِنۡهَا مَآءَهَا وَمَرۡعَىٰهَا ٣١اُن مان سندس پاڻي ۽ سندس گاھ ڪڍيائين وَٱلۡجِبَالَ أَرۡسَىٰهَا ٣٢۽ جبلن کي مُحڪم کوڙيائين مَتَٰعًا لَّكُمۡ وَلِأَنۡعَٰمِكُمۡ ٣٣اوھان جي نفعي لاءِ ۽ اوھان جي ڍورن (جي نفعي) لاءِ فَإِذَا جَآءَتِ ٱلطَّآمَّةُ ٱلۡكُبۡرَىٰ ٣٤پوءِ جڏھن وڏو واقعو (قيامت جو) ايندو يَوۡمَ يَتَذَكَّرُ ٱلۡإِنسَٰنُ مَا سَعَىٰ ٣٥اُن ڏينھن ماڻھو اھو ياد ڪندو جيڪي (دنيا ۾) ڪمايو ھوائين وَبُرِّزَتِ ٱلۡجَحِيمُ لِمَن يَرَىٰ ٣٦۽ دوزخ اُنھيءَ لاءِ پڌرو ڪبو جيڪو ڏسڻ گھرندو فَأَمَّا مَن طَغَىٰ ٣٧پوءِ جيڪو حد کان لنگھيو ھوندو وَءَاثَرَ ٱلۡحَيَوٰةَ ٱلدُّنۡيَا ٣٨۽ ھن دنيا جي حياتيءَ کي ڀَلو سمجھيائين فَإِنَّ ٱلۡجَحِيمَ هِيَ ٱلۡمَأۡوَىٰ ٣٩تنھن جي جاءِ بيشڪ دوزخ آھي وَأَمَّا مَنۡ خَافَ مَقَامَ رَبِّهِۦ وَنَهَى ٱلنَّفۡسَ عَنِ ٱلۡهَوَىٰ ٤٠۽ جيڪو پنھنجي پالڻھار جي (حضور ۾) روبرو بيھڻ کان ڊنو ۽ نفس کي سَڌ کان جھليائين فَإِنَّ ٱلۡجَنَّةَ هِيَ ٱلۡمَأۡوَىٰ ٤١پوءِ تنھنجي جاءِ بيشڪ بھشت آھي يَسۡـَٔلُونَكَ عَنِ ٱلسَّاعَةِ أَيَّانَ مُرۡسَىٰهَا ٤٢(اي پيغمبر) توکان قيامت بابت پُڇن ٿا ته اُن جو (واقعو) ٿيڻ ڪڏھن آھي؟ فِيمَ أَنتَ مِن ذِكۡرَىٰهَآ ٤٣(اي پڇندڙ) اُن جي خبر بابت تون ڪھڙي خيال ۾ آھين؟ إِلَىٰ رَبِّكَ مُنتَهَىٰهَآ ٤٤اُن جي پڄاڻي (جي خبر) تنھنجي پالڻھار وٽ آھي إِنَّمَآ أَنتَ مُنذِرُ مَن يَخۡشَىٰهَا ٤٥جيڪو قيامت کان ڊڄي رڳو تنھن لاءِ تون ڊيڄاريندڙ آھين كَأَنَّهُمۡ يَوۡمَ يَرَوۡنَهَا لَمۡ يَلۡبَثُوٓاْ إِلَّا عَشِيَّةً أَوۡ ضُحَىٰهَا ٤٦جنھن ڏينھن اُن کي ڏسندا (تنھن ڏينھن) ائين ڀانئيندا ته ڄڻڪ ھڪڙي وقت سانجھي يا ان جي صبح کانسواءِ (دنيا ۾) رھيا ئي نه ھوا

Translation: Taj Mehmood Amroti.