ملة الإسلام

السورة 80 · 42 آية · Taj Mehmood Amroti

سورة عبس باللغة السندية

السورة بالعربية مع التفسير استمع إلى سورة عبس (1,320 قارئاً)
مكيةسورة عبس٤٢ آية

بِسۡمِ ٱللَّهِ ٱلرَّحۡمَٰنِ ٱلرَّحِيمِ

عَبَسَ وَتَوَلَّىٰٓ ١مُنھن ۾ گُھنڊ وڌائين ۽ مُنھن موڙيائين أَن جَآءَهُ ٱلۡأَعۡمَىٰ ٢ھن ڪري جو وٽس نابين آيو وَمَا يُدۡرِيكَ لَعَلَّهُۥ يَزَّكَّىٰٓ ٣۽ ڪنھن سمجھايئي جيڪر اُھو سڌرجي ھا أَوۡ يَذَّكَّرُ فَتَنفَعَهُ ٱلذِّكۡرَىٰٓ ٤يا نصيحت ٻڌي ھا پوءِ اُھا نصيحت ٻڌڻ نفعو ڏئيس ھا أَمَّا مَنِ ٱسۡتَغۡنَىٰ ٥پر جنھن بي پرواھي ڪئي فَأَنتَ لَهُۥ تَصَدَّىٰ ٦پوءِ تنھن (جي سڌاري) لاءِ تون پٺيان پيو آھين وَمَا عَلَيۡكَ أَلَّا يَزَّكَّىٰ ٧ھن ۾ توتي (ڪا ميار) ڪانھي ته اُھو نه سُڌرجي وَأَمَّا مَن جَآءَكَ يَسۡعَىٰ ٨۽ جيڪو تو وٽ ڊوڙندو آيو وَهُوَ يَخۡشَىٰ ٩۽ اُھو (پنھنجي الله کان) ڊڄي ٿو فَأَنتَ عَنۡهُ تَلَهَّىٰ ١٠پوءِ تنھن کان تون ويسلو ٿئين ٿو كـَلَّآ إِنَّهَا تَذۡكِرَةٌ ١١ائين نه آھي بيشڪ اھي (قرآن جون آيتون) ھڪ نصيحت آھي فَمَن شَآءَ ذَكَرَهُۥ ١٢پوءِ جيڪو گھُري سو قرآن ياد رکي فِي صُحُفٍ مُّكَرَّمَةٍ ١٣(بيشڪ قرآن جون آيتون) تعظيم وارن ورقن ۾ لکيل آھن مَّرۡفُوعَةٍ مُّطَهَّرَةِۭ ١٤جي مٿاھان ۽ پاڪ آھن بِأَيۡدِي سَفَرَةٍ ١٥لکندڙن جي ھٿن ۾ كِرَامِۭ بَرَرَةٍ ١٦جي سڳورا ڀلارا آھن قُتِلَ ٱلۡإِنسَٰنُ مَآ أَكۡفَرَهُۥ ١٧ماڻھو ماريو وڃي جو ڪھڙو نه بي شُڪر آھي مِنۡ أَيِّ شَيۡءٍ خَلَقَهُۥ ١٨(ڌيان ڪري ته الله) ڪھڙي شيءَ مان پيدا ڪيس مِن نُّطۡفَةٍ خَلَقَهُۥ فَقَدَّرَهُۥ ١٩مني جي ڦڙي مان، خلقيائينس پوءِ اندازو مقرر ڪيائينس ثُمَّ ٱلسَّبِيلَ يَسَّرَهُۥ ٢٠وري (نڪرڻ جي) واٽ سنھنجي ڪيائينس ثُمَّ أَمَاتَهُۥ فَأَقۡبَرَهُۥ ٢١وري ماريائينس پوءِ قبر ۾ رکايائينس ثُمَّ إِذَا شَآءَ أَنشَرَهُۥ ٢٢وري جڏھن گھرندو تڏھن اُن کي جيئرو ڪندو كـَلَّا لَمَّا يَقۡضِ مَآ أَمَرَهُۥ ٢٣ائين نه آھي جيڪي فرمايائينس سو پورو نه ڪيائين فَلۡيَنظُرِ ٱلۡإِنسَٰنُ إِلَىٰ طَعَامِهِۦٓ ٢٤پوءِ جڳائي ته ماڻھو پنھنجي کاڌي ڏانھن نھاري ڏسي أَنَّا صَبَبۡنَا ٱلۡمَآءَ صَبًّا ٢٥ته اسان پاڻي کي چڱيءَ طرح آسمان کان پلٽيو ثُمَّ شَقَقۡنَا ٱلۡأَرۡضَ شَقًّا ٢٦وري زمين کي پوري طرح چيريوسون فَأَنۢبَتۡنَا فِيهَا حَبًّا ٢٧پوءِ منجھس اَن ڄمايوسون وَعِنَبًا وَقَضۡبًا ٢٨۽ ڊاکون ۽ ترڪاريون وَزَيۡتُونًا وَنَخۡلًا ٢٩۽ زيتون ۽ کجيون وَحَدَآئِقَ غُلۡبًا ٣٠۽ گھاٽا باغ وَفَٰكِهَةً وَأَبًّا ٣١۽ ميوو ۽ گاھ (به) مَّتَٰعًا لَّكُمۡ وَلِأَنۡعَٰمِكُمۡ ٣٢اوھان جي نفعي لاءِ ۽ اوھان جي ڍورن لاءِ فَإِذَا جَآءَتِ ٱلصَّآخَّةُ ٣٣پوءِ جڏھن ڪَن ٻوڙا ڪندڙ (دھشت واري) ھڪل ايندي يَوۡمَ يَفِرُّ ٱلۡمَرۡءُ مِنۡ أَخِيهِ ٣٤انھي ڏينھن آدمي پنھنجي ڀاءُ کان ڀڄندو وَأُمِّهِۦ وَأَبِيهِ ٣٥۽ (پڻ) پنھنجي ماءُ کان ۽ پنھنجي پيءُ کان وَصَٰحِبَتِهِۦ وَبَنِيهِ ٣٦۽ پنھنجي گھر واريءَ کان ۽ پنھنجي پٽن کان ڀڄندو لِكُلِّ ٱمۡرِيٍٕ مِّنۡهُمۡ يَوۡمَئِذٍ شَأۡنٌ يُغۡنِيهِ ٣٧انھن مان سڀڪنھن مڙس لاءِ اُن ڏينھن اھڙي حالت ھوندي جو کيس بس ھوندي وُجُوهٌ يَوۡمَئِذٍ مُّسۡفِرَةٌ ٣٨ڪيترائي منھن اُن ڏينھن روشن ھوندا ضَاحِكَةٌ مُّسۡتَبۡشِرَةٌ ٣٩کِلندڙ ۽ (تمام) سرھا ھوندا وَوُجُوهٌ يَوۡمَئِذٍ عَلَيۡهَا غَبَرَةٌ ٤٠۽ ڪيترائي منھن (ھوندا) جن تي اُن ڏينھن رئي پيل ھوندي تَرۡهَقُهَا قَتَرَةٌ ٤١جن کي ڪارنھن ويڙھي ويندي أُوْلَٰٓئِكَ هُمُ ٱلۡكَفَرَةُ ٱلۡفَجَرَةُ ٤٢اھي ئي مُنڪر بدڪار آھن

الترجمة: Taj Mehmood Amroti.