ملة الإسلام

السورة 81 · 29 آية · Taj Mehmood Amroti

سورة التكوير باللغة السندية

السورة بالعربية مع التفسير استمع إلى سورة التكوير (1,316 قارئاً)
مكيةسورة التكوير٢٩ آية

بِسۡمِ ٱللَّهِ ٱلرَّحۡمَٰنِ ٱلرَّحِيمِ

إِذَا ٱلشَّمۡسُ كُوِّرَتۡ ١جڏھن سج ويڙھبو وَإِذَا ٱلنُّجُومُ ٱنكَدَرَتۡ ٢۽ جڏھن تارا ميرا ٿيندا وَإِذَا ٱلۡجِبَالُ سُيِّرَتۡ ٣۽ جڏھن جبل ھلايا ويندا وَإِذَا ٱلۡعِشَارُ عُطِّلَتۡ ٤۽ جڏھن ڍُڪيون ويامڻ تي ڏاچيون بيڪار ڇڏبيون وَإِذَا ٱلۡوُحُوشُ حُشِرَتۡ ٥۽ جڏھن جھنگلي جانور گڏ ڪبا وَإِذَا ٱلۡبِحَارُ سُجِّرَتۡ ٦۽ جڏھن درياءَ (باھ وانگر) تپائبا وَإِذَا ٱلنُّفُوسُ زُوِّجَتۡ ٧۽ جڏھن جيءَ پاڻ ۾ ملائبا وَإِذَا ٱلۡمَوۡءُۥدَةُ سُئِلَتۡ ٨۽ جڏھن جيئري پوريل نياڻي پڇبي ته بِأَيِّ ذَنۢبٍ قُتِلَتۡ ٩ڪھڙي ڏوھ ڪري ماري وئي وَإِذَا ٱلصُّحُفُ نُشِرَتۡ ١٠۽ جڏھن اعمالناما کولبا وَإِذَا ٱلسَّمَآءُ كُشِطَتۡ ١١۽ جڏھن آسمان ڇلبو وَإِذَا ٱلۡجَحِيمُ سُعِّرَتۡ ١٢۽ جڏھن دوزخ ٻاربو وَإِذَا ٱلۡجَنَّةُ أُزۡلِفَتۡ ١٣۽ جڏھن بھشت ويجھو ڪبو عَلِمَتۡ نَفۡسٌ مَّآ أَحۡضَرَتۡ ١٤(تڏھن) ھر ھڪ جيءُ جيڪي حاضر آندو سو ڄاڻندو فَلَآ أُقۡسِمُ بِٱلۡخُنَّسِ ١٥پوئتي ھٽندڙ تارن جو قَسم کڻان ٿو ٱلۡجَوَارِ ٱلۡكُنَّسِ ١٦جي (ڪڏھن) سڌا ھلندڙ آھن (ڪڏھن) لڪي ويندڙ آھن وَٱلَّيۡلِ إِذَا عَسۡعَسَ ١٧۽ قسم آھي رات جو جڏھن پوئتي موٽندي آھي وَٱلصُّبۡحِ إِذَا تَنَفَّسَ ١٨۽ قسم آھي صُبح جو جڏھن روشن ٿئي إِنَّهُۥ لَقَوۡلُ رَسُولٍ كَرِيمٍ ١٩ته بيشڪ اھو (قرآن) ھڪ موڪليل سڳوري (مَلَڪ) جو پيغام ڏيڻ آھي ذِي قُوَّةٍ عِندَ ذِي ٱلۡعَرۡشِ مَكِينٍ ٢٠جو سگھ واري عرش جي مالڪ (الله) وٽ وڏي مرتبي وارو آھي مُّطَاعٍ ثَمَّ أَمِينٍ ٢١جو مڃوتيءَ وارو اُتي (مَلڪوت ۾) امين آھي وَمَا صَاحِبُكُم بِمَجۡنُونٍ ٢٢۽ (ھي) اوھان جو سنگتي (ﷴ ﷺ ڪو) چريو نه آھي وَلَقَدۡ رَءَاهُ بِٱلۡأُفُقِ ٱلۡمُبِينِ ٢٣۽ بيشڪ (اوھان جي سنگتي) اُن (مَلَڪ) کي آسمان جي پڌري ڪناري تي (چتائي) ڏٺو آھي وَمَا هُوَ عَلَى ٱلۡغَيۡبِ بِضَنِينٍ ٢٤۽ اُھو (اوھان جو سنگتي) ڳجھ (جي ڳالھ ڏسڻ) تي بخل ڪندڙ نه آھي وَمَا هُوَ بِقَوۡلِ شَيۡطَٰنٍ رَّجِيمٍ ٢٥۽ قرآن تڙيل شيطان جو ڪلام نه آھي فَأَيۡنَ تَذۡهَبُونَ ٢٦پوءِ ڪيڏانھن وڃو ٿا؟ إِنۡ هُوَ إِلَّا ذِكۡرٌ لِّلۡعَٰلَمِينَ ٢٧ھيءُ (قرآن) جھان وارن جي نصيحت کانسواءِ (ٻيو) ڪي نه آھي لِمَن شَآءَ مِنكُمۡ أَن يَسۡتَقِيمَ ٢٨اوھان مان جيڪو سڌو ھلڻ گھري تنھن لاءِ آھي وَمَا تَشَآءُونَ إِلَّآ أَن يَشَآءَ ٱللَّهُ رَبُّ ٱلۡعَٰلَمِينَ ٢٩۽ جھانن جي پالڻھار الله جي گھُر کانسواءِ (ٻيو) ڪي اوھين گھري نه سگھندؤ

الترجمة: Taj Mehmood Amroti.