بِسۡمِ ٱللَّهِ ٱلرَّحۡمَٰنِ ٱلرَّحِيمِ
سَبِّحِ ٱسۡمَ رَبِّكَ ٱلۡأَعۡلَى ١(اي پيغمبر) اُنھي پنھنجي تمام مٿاھين پالڻھار جي نالي جي پاڪائي بيان ڪر ٱلَّذِي خَلَقَ فَسَوَّىٰ ٢جنھن (ساري مخلوق کي) خلقيو پوءِ سنئين لڱين ڪيائين وَٱلَّذِي قَدَّرَ فَهَدَىٰ ٣۽ جنھن اندازو ڪيو پوءِ رستو ڏيکاريائين وَٱلَّذِيٓ أَخۡرَجَ ٱلۡمَرۡعَىٰ ٤۽ جنھن تازو گاھ ڄمايو فَجَعَلَهُۥ غُثَآءً أَحۡوَىٰ ٥پوءِ اُن کي سُڪو سڙيو ڪيائين سَنُقۡرِئُكَ فَلَا تَنسَىٰٓ ٦اسين توکي (قرآن) پاڙھينداسون پوءِ نه وساريندين إِلَّا مَا شَآءَ ٱللَّهُۚ إِنَّهُۥ يَعۡلَمُ ٱلۡجَهۡرَ وَمَا يَخۡفَىٰ ٧مگر جيڪي الله گھريو آھي، بيشڪ اُھو ظاھر کي ڄاڻندو آھي ۽ جيڪي ڳُجھو آھي تنھن کي (به) وَنُيَسِّرُكَ لِلۡيُسۡرَىٰ ٨۽ آسان رستو توکي سنھنجو ڪري ڏينداسين فَذَكِّرۡ إِن نَّفَعَتِ ٱلذِّكۡرَىٰ ٩پوءِ جيڪڏھن نصيحت ڏئڻ فائدو ڪري ته نصيحت ڪر سَيَذَّكَّرُ مَن يَخۡشَىٰ ١٠جيڪو ڊڄندو سو سُتت سمجھ وٺندو وَيَتَجَنَّبُهَا ٱلۡأَشۡقَى ١١۽ اُن (نصيحت وٺڻ) کان (اُھو) تمام نڀاڳو پاسو ڪندو ٱلَّذِي يَصۡلَى ٱلنَّارَ ٱلۡكُبۡرَىٰ ١٢جو وڏيءَ باھ ۾ پوندو ثُمَّ لَا يَمُوتُ فِيهَا وَلَا يَحۡيَىٰ ١٣وري نڪي اُتي مرندو ۽ نڪي جيئرو رھندو قَدۡ أَفۡلَحَ مَن تَزَكَّىٰ ١٤بيشڪ اُھو ڇٽو جيڪو سڌريو وَذَكَرَ ٱسۡمَ رَبِّهِۦ فَصَلَّىٰ ١٥۽ پڻ پنھنجي پالڻھار جو نالو ياد ڪري نماز پڙھندو رھيو بَلۡ تُؤۡثِرُونَ ٱلۡحَيَوٰةَ ٱلدُّنۡيَا ١٦بلڪ دُنيا جي حياتيءَ کي (آخرت کان) پسند ڪندا آھيو وَٱلۡأٓخِرَةُ خَيۡرٌ وَأَبۡقَىٰٓ ١٧۽ (حقيقت ڪري) آخرت ڀَلي آھي ۽ ھميشه رھڻ واري آھي إِنَّ هَٰذَا لَفِي ٱلصُّحُفِ ٱلۡأُولَىٰ ١٨بيشڪ ھيءَ (بيان) پھرين صحيفن ۾ (به لکيل) آھي صُحُفِ إِبۡرَٰهِيمَ وَمُوسَىٰ ١٩جي صحيفا ابراھيم ۽ مُوسىٰ جا آھن