ملة الإسلام

السورة 88 · 26 آية · Taj Mehmood Amroti

سورة الغاشية باللغة السندية

السورة بالعربية مع التفسير استمع إلى سورة الغاشية (1,313 قارئاً)
مكيةسورة الغاشية٢٦ آية

بِسۡمِ ٱللَّهِ ٱلرَّحۡمَٰنِ ٱلرَّحِيمِ

هَلۡ أَتَىٰكَ حَدِيثُ ٱلۡغَٰشِيَةِ ١(اي پيغمبر) تو وٽ ڍڪيندڙ (قيامت) جي خبر پھتي آھي ڇا؟ وُجُوهٌ يَوۡمَئِذٍ خَٰشِعَةٌ ٢اُن ڏينھن ڪيترائي مُنھن خوار ھوندا عَامِلَةٌ نَّاصِبَةٌ ٣ڪمائيندڙ ڏک ڀوڳيندا ھوندا تَصۡلَىٰ نَارًا حَامِيَةً ٤ٻرندڙ باھ ۾ پوندا تُسۡقَىٰ مِنۡ عَيۡنٍ ءَانِيَةٍ ٥بلڪل تتي چشمي مان پاڻي پياربن لَّيۡسَ لَهُمۡ طَعَامٌ إِلَّا مِن ضَرِيعٍ ٦ڪنڊن واري گاھ کانسواءِ (ٻيو) ڪو کاڄ انھن لاءِ نه ھوندو لَّا يُسۡمِنُ وَلَا يُغۡنِي مِن جُوعٍ ٧(جو اُھو) نڪي (کين) ڀُلھو ڪندو ۽ نڪي بُک لاھيندو وُجُوهٌ يَوۡمَئِذٍ نَّاعِمَةٌ ٨ڪيئي مُنھن اُن ڏينھن تازا ھوندا لِّسَعۡيِهَا رَاضِيَةٌ ٩پنھنجي ڪمائيءَ کان راضي ھوندا فِي جَنَّةٍ عَالِيَةٍ ١٠مٿاھين بھشت ۾ ھوندا لَّا تَسۡمَعُ فِيهَا لَٰغِيَةً ١١اتي ڪا اجائي ڳالھ نه ٻڌندين فِيهَا عَيۡنٌ جَارِيَةٌ ١٢اُتي چشما وھندڙ آھن فِيهَا سُرُرٌ مَّرۡفُوعَةٌ ١٣اُتي وڏا تخت مٿي وڇايل وَأَكۡوَابٌ مَّوۡضُوعَةٌ ١٤۽ آبخورا رکيل وَنَمَارِقُ مَصۡفُوفَةٌ ١٥۽ وھاڻا قطار ڪري رکيل وَزَرَابِيُّ مَبۡثُوثَةٌ ١٦۽ غاليچا وڇايل آھن أَفَلَا يَنظُرُونَ إِلَى ٱلۡإِبِلِ كَيۡفَ خُلِقَتۡ ١٧(ماڻھو) اُٺن ڏانھن نه ڏسندا آھن ڇا؟ ته ڪيئن خلقيا ويا وَإِلَى ٱلسَّمَآءِ كَيۡفَ رُفِعَتۡ ١٨۽ آسمان ڏانھن ته ڪيئن مٿي ڪيو ويو وَإِلَى ٱلۡجِبَالِ كَيۡفَ نُصِبَتۡ ١٩۽ جبلن ڏانھن ته ڪيئن کڙا ڪيا ويا وَإِلَى ٱلۡأَرۡضِ كَيۡفَ سُطِحَتۡ ٢٠۽ زمين ڏانھن ته ڪيئن وڇائي وئي فَذَكِّرۡ إِنَّمَآ أَنتَ مُذَكِّرٌ ٢١پوءِ (اي پيغمبر) تون، رڳو نصيحت ڪرڻ وارو آھين لَّسۡتَ عَلَيۡهِم بِمُصَيۡطِرٍ ٢٢تون مٿن ڪو داروغو نه آھين إِلَّا مَن تَوَلَّىٰ وَكَفَرَ ٢٣پر جنھن مُنھن موڙيو ۽ ڪُفر ڪيو فَيُعَذِّبُهُ ٱللَّهُ ٱلۡعَذَابَ ٱلۡأَكۡبَرَ ٢٤تنھن کي الله وڏي عذاب جي سزا ڏيندو إِنَّ إِلَيۡنَآ إِيَابَهُمۡ ٢٥بيشڪ اسان ڏانھن سندن موٽڻ آھي ثُمَّ إِنَّ عَلَيۡنَا حِسَابَهُم ٢٦وري بيشڪ سندن حساب وٺڻ اسان جي ذمي آھي

الترجمة: Taj Mehmood Amroti.