بِسۡمِ ٱللَّهِ ٱلرَّحۡمَٰنِ ٱلرَّحِيمِ
إِذَا ٱلسَّمَآءُ ٱنفَطَرَتۡ ١جڏھن آسمان ڦاٽندو وَإِذَا ٱلۡكَوَاكِبُ ٱنتَثَرَتۡ ٢۽ جڏھن تارا ڇڻي پوندا وَإِذَا ٱلۡبِحَارُ فُجِّرَتۡ ٣۽ جڏھن سمنڊ تمام جوش سان وھائبا وَإِذَا ٱلۡقُبُورُ بُعۡثِرَتۡ ٤۽ جڏھن قبرون پٽبيون عَلِمَتۡ نَفۡسٌ مَّا قَدَّمَتۡ وَأَخَّرَتۡ ٥(تڏھن) سڀڪو شخص اُھو ڄاڻندو جيڪي اڳي موڪليو ھوائين ۽ جيڪي پوئتي ڇڏيو ھوائين يَٰٓأَيُّهَا ٱلۡإِنسَٰنُ مَا غَرَّكَ بِرَبِّكَ ٱلۡكَرِيمِ ٦اي ماڻھو توکي تنھنجي (انھي) سڳوري پالڻھار کان ڪھڙي شيءَ ٺڳيو؟ ٱلَّذِي خَلَقَكَ فَسَوَّىٰكَ فَعَدَلَكَ ٧جنھن توکي پيدا ڪيو پوءِ توکي سنئين لڱين ڪيائين پوءِ توکي برابر ڪيائين فِيٓ أَيِّ صُورَةٍ مَّا شَآءَ رَكَّبَكَ ٨جھڙي صورت ۾ گھريائين (تھڙيءَ ۾) تنھنجو جوڙ جوڙيائين كـَلَّا بَلۡ تُكَذِّبُونَ بِٱلدِّينِ ٩ائين نه آھي بلڪ اوھين عملن جي جزا ڏيڻ کي ڪوڙ ڀائيندا آھيو وَإِنَّ عَلَيۡكُمۡ لَحَٰفِظِينَ ١٠۽ بيشڪ اوھان تي نگھبان (مقرر ٿيل) آھن كِرَامًا كَٰتِبِينَ ١١سڳورا لکڻ وارا يَعۡلَمُونَ مَا تَفۡعَلُونَ ١٢جيڪي اوھين ڪندا آھيو سو ڄاڻندا آھن إِنَّ ٱلۡأَبۡرَارَ لَفِي نَعِيمٍ ١٣بيشڪ ڀلارا (بھشت جي) نعمت ۾ ھوندا وَإِنَّ ٱلۡفُجَّارَ لَفِي جَحِيمٍ ١٤۽ بيشڪ گنھگار دوزخ ۾ ھوندا يَصۡلَوۡنَهَا يَوۡمَ ٱلدِّينِ ١٥عملن جي بدلي جي ڏينھن دوزخ ۾ داخل ٿيندا وَمَا هُمۡ عَنۡهَا بِغَآئِبِينَ ١٦۽ اُن کان اُھي لڪل نه ھوندا وَمَآ أَدۡرَىٰكَ مَا يَوۡمُ ٱلدِّينِ ١٧۽ ڪنھن سمجھايئي ته عملن جي بدلي جو ڏينھن ڇا آھي؟ ثُمَّ مَآ أَدۡرَىٰكَ مَا يَوۡمُ ٱلدِّينِ ١٨وري (به چئون ٿا ته) ڪنھن سمجھايئي ته عملن جي بدلي جو ڏينھن ڇا آھي؟ يَوۡمَ لَا تَمۡلِكُ نَفۡسٌ لِّنَفۡسٍ شَيۡـًٔاۖ وَٱلۡأَمۡرُ يَوۡمَئِذٍ لِّلَّهِ ١٩اُھو ھڪ ڏينھن آھي جو ڪو جيءُ ڪنھن جيءَ کي ڪجھ فائدو پھچائي نه سگھندو، ۽ اُن ڏينھن (ساري) حڪومت خاص الله جي ھوندي